سنڌ جو محسن شهيد الله بخش سومرو

حسن نازسومرو

سنڌ ڌرتي هميشه ولين، درويشن ۽ بزرگن جي مسڪن رهي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو سچا ۽ سٻاجھڙا رهيا آهن. سنڌ ڌرتي جي ڪک مان جنم وٺندڙ لکين نيڪ مردن ۾ ڪيترائي اهڙا انسان پيدا ٿيا جن پنهنجي ذاتي مفادن کي هڪ پاسي رکي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏني اهڙن بي باڪ انسانن مان شهيد الله بخش سومرو پڻ هڪ هو، شهيد الله بخش سومرو سنڌ جي انهن سپوتن ۾ شامل آهي جنهن هميشه سنڌ جي مسئلن کي ترجيح ڏني ۽ پاڻ هميشه انگريزن کي ان ڳالھه تي آماده ڪيو ته سنڌ ۾ تمام گھڻا مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ ضروري هو سو شهيد الله بخش سومرو هميشه سنڌ جو ۽ سنڌي ماڻهن جو هڏ ڏوکي هئو.

شهيد الله بخش سومرو 31 آگسٽ 1900ع ڌاري شڪارپور ۾ محمد عمر سومري جي گھر ۾ جنم ورتو، هُن شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ ئي حاصل ڪئي، جڏهن ته ثانوي تعليم 1912ع ۾ هوپ فل اڪيڊمي شڪارپور ۾ ورتائين، تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي والد محمد عمر سومري سان گڏ ٺيڪيداري وارن ڪمن ۾ لڳي ويو هو، 1923ع ۾ ۾ ضلعي جيڪب آباد جي ميونسپالٽي ۽ ضلعي سکر جي ضلعي بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو جتان هن سياست جي شروعات ڪئي، 1926ع ۾ اليڪشن دوران سلطان ڪوٽ جي هڪ بااثر ذميندار خان بهادر يار محمد خان پٺاڻ جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي آيو،ان کان پوءِ 1928ع ۾ سکر لوڪل بورڊ جو صدر چونڊجي ويو.

اتر سنڌ جو هي واحد شخص هو جيڪو 1926ع کان 1936ع تائين جيسين سنڌ بمبئي سان جڙيل هئي بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو.

شهيد الله بخش سومري وٽ جڏهن به سنڌ جي حوالي سان مختلف مسئلا ايندا هئا ته انهن کي حل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو هئو، شهيد الله بخش سومرو پاڻي جي اهميت لاءِ هڪ جملو چوندو هئو ته پاڻي هڪ خزانو آهي سو ان ڳالهه کي اڄ به ياد ڪيو ويندو آهي ته پاڻي اسان لاءِ ڪيتري اهميت رکي ٿو،

1936ع ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي سربراهي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاهي ويئي جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون، سائين جي ايم سيد سان گڏ الله بخش سومرو به شامل هو، 1937ع جي چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مک ليڊرن سر شاهنواز ڀٽو ۽ حاجي عبدالله هارون اليڪشن هارائي ويا ته ٻنهي اڳواڻن جي شڪست جي نتيجي ۾ ٻنهي اڳواڻن جو پيدا ٿيل خال شهيد الله بخش سومري اچي ڀريو، جنهن کان پوءِ شهيد الله بخش سومري کي سنڌ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.

شهيد الله بخش سومرو هڪ گهري سوچ رکندڙ شخصيت هئو، پاڻ هميشه سنڌ جي ڀلائي لاءِ پتوڙيندو رهندو هئو. شهيد الله بخش سومري 21 صدي واري سنڌ کي 1940ع واري ڏهاڪي ۾ ڏٺو هو کيس سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گھاتين، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف ٿيندڙ سازشن جي خبر اڄ کان مني صدي اڳ ۾ خبر پئجي چڪي هئي، پاڻ انسان دوست شخص هو، هن جي دور ۾ ريشمي رومال تحريڪ تمام گھڻي زورن تي هئي جنهن جو باني مولانا عبيدالله سنڌي هو هن تحريڪ ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته مولانا عبيدالله سنڌي کي سنڌ اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، سو شهيد الله بخش سومري انگريز سرڪار کي ان ڳاله تي مجبور ڪيو ته مولاناعبيدالله سنڌي کي وطن اچڻ ڏنو وڃي، انگريز سرڪار مجبور ٿي پئي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کي سنڌ اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطني ختم ڪري سي پورٽ ڪراچي پهتو ته پاڻ سندس استقبال ڪرڻ لاءِ پهچي ويو، سندس اهڙي قسم جا فيصلا انگريز سرڪار کي تمام ڏکيا لڳندا هئا،

شهيد الله بخش سومري سنڌ اندر آبپاشي جو نئون نظام متعارف ڪرايو ۽ 1932ع ۾ سکر بئراج جو ڪم مڪمل ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر آبپاشي نظام ۾ تمام گھڻي بهتري اچي ويئي ۽ ائين ئي سنڌ جديد آبپاشي نظام ۾ شامل ٿي ويئي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿي ويئي.

1934ع ۾ سائين جي ايم سيد جي گھر حيدر منزل ۾ سنڌ جي پهرين سياسي جماعت پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو ويو ان پارٽي کي جوڙڻ ۾ سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش سومري ۽ سر شاهنواز ڀٽي جو مک ڪردار هو ان پارٽي جو اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو کي ڪيو ويو اها پارٽي گھڻو وقت هلي ته نه سگھي پر پارٽيءَ جي پليٽ فارم شهيد الله بخش سومري جي ڪوششن سان نواب نبي بخش خان ڀٽو هندوستان ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو.

اهڙي طرح شهيد الله بخش سومري هميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن کي اوليت ڏني. پر وقت جي اٿل پٿل جي ڪري ۽ شهيد الله بخش جا ڪيل ڪم سندن مخالفن کي ايذاءُ ڏيڻ لڳا جنهن جي نتيجي ۾ مسجد منزل گاهه جا فساد ڪرايا ويا ۽ انهيءَ نتيجي ۾ شهيد الله بخش جي حڪومت کي ڪيرايو ويو، جنهن کان پوءِ جلد ئي شهيد الله بخش سومرو شڪارپور هليو آيو، حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ به شهيد الله بخش سومرو سماجي ڪمن ۾ مصروف رهندو هو، 14 مئي 1943ع تي صبح جو 9 وڳي پنهنجن دوستن وڏيري نبي بخش ۽ غلام رسول جھلڻ سان گڏ ٽانگي تي چڙهي وڃي رهيو هئو ته موجوده ڊي پي او آفيس آڏو چئن دشمنن سندس رستو روڪي کيس گولين جو نشانو بڻايو، شهيد الله بخش سومري جي شهيد ٿيڻ جي خبر باهه وانگر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي ۽ ڏک ۾ سڄي سنڌ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، سرڪاري آفيسون، اسڪول ۽ بازارون مڪمل طور پاڻ مرادو بند ڪيون ويون ۽ برطانوي جھنڊو يونين جيڪ سوڳ طور جھڪي ويو سندس جنازي نماز ۾ سنڌ مان هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، سو شهيد الله بخش سومري جهڙا جوڌا جوان ورلي پيدا ٿيندا آهن ۽ اڄ سومرا برادري ته ڇا پر پوري پاڪستان جي عوام سندس نالو وڏي فخر سان وٺندي آهي، شهيد الله بخش سومري جو نالو صدين تائين ياد رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.