” دل جي وال تان ” نثري نظم جو درد ڀريو ڪتاب 

احمد پتافي

شاعري جي ھر صنف دنيا ۾ اعليٰ مقام رکي ٿي پر نثري نظم اھڙي شاعري آھي جنھن کي ھڪ ھنڌ قيد نٿو ڪري سگھجي، نثر نظم ۾ اتساھ ھلچل پيار درد ڪاوڙ اظھار رومانس ڀريل ھوندو آھي ضلعي گھوٽڪي جي ادبي شاخ ڏھرڪي سان سلھاڙيل غلام مجتبٰي به نثري نظم جو اھڙو شاعر آھي جنھن جا لفظ دنيا کي وائکو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن ادبي سنگت ۾ غلام مجتبيٰ کي جي ايم لاڙڪ جي نالي سان سڏيو ويندو آھي.

ڪتاب ”دل جي وال تان“ جو مھاڳ ڏھرڪي سان تعلق رکندڙ پروفيسر سائين محمد الدين راڄڙي صاحب لکيو آھي سائين ھن مھاڳ ۾ جي ايم لاڙڪ جي شاعري ۽ دردن ڀري زندگيءَ بابت لکيو آھي، جي ايم لاڙڪ جي زندگي ۾ درد تڪليف ھئڻ باوجود ھو نثر نظم نئين انداز ۾ تخليق ڪندو رھندو آھي جي ايم لاڙڪ پاڻ ڪرانڪ ٿيلسميا جو مريض ھئڻ باوجود ادبي سنگت جي حوالي سان بھترين ڪم ڪري رھيو آھي شاعريءَ جي لفظن جيترا سوراخ جي ايم جي رڳن ۾ ٿي چڪا آھن جي ايم کي لکڻ لاءِ جيئڻ لاءِ دنيا ۾ رھڻ لاءِ ھر پندرھين ڏينھن رت لڳندو رھندو آھي ان جي باوجود جي ايم ھمت ناھي ھاري، لکڻ لاءِ قلم کي قيد ناھي ڪيو،  ڪتاب دل جي وال تان ھڪ درد ڀرئي نثري نظم تي لکيل آھي درد پيڙائون محبتون ھر انسان جي زندگيءَ جو اھم حصو ھونديون آھن، درد تڪليف بغير زندگي اڌوري ھوندي آھي ھي درد تڪليفون ئي انسان جو حوصلو بلند ڪنديون آھن استاد کان پوء اھي درد زماني جون تڪليفون ئي انسان کي وڏو سبق ڏئي دنيا ۾ جيئڻ لاءِ نيون راهون ھموار ڪنديون آھن جي ايم لاڙڪ اھڙو درد ڀريو خيال پنھنجي ڪتاب جي ھڪ نظم ۾ لکيو آھي

ھن جي وارن ۾

چاندي چمڪي پئي

پر الائي جي ڇو

اڄ به ھو ڪوٽن ۾

ڪنھن جي اچڻ جو

بي صبري سان

انتظار ڪري پئي

جي ايم لاڙڪ ھڪ سچو کرو انسان آھي جيڪي دوست ادبي سنگت ۾ مفاد پرستي انا پرستي ڪندا آھن انھن کي به کريون ٻڌائيندو آھي جيڪي مفاد پرست ڪامريڊ انقلاب جي نالي ڀتا وصول ڪري نعرا ھڻندا آھن انھن لاءِ نظم ”نئون ديش“ پڙهي ڏسجي.

شاعر لکڻ سمجھڻ ھر ماڻھونءَ جي وس جي ڳالھه ناھي شاعر ليکڪ زماني ۾ جيڪي ڏسندا آھن ماحول جي دردن کي محسوس ڪري قلم وسيلي خيالن کي نقش ڪندا آھن ھي ڪتاب به سمنڊ جي ڇولين جيان درد ۽ محبت جي مھڪار سان سمايل آھي جي ايم لاڙڪ پنھنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي ھڪ نثري نظم ۾ چئي ٿو،

ٻڌ جانا!

منھنجي زندگي جا

ڪئي اڻپورا ڪم

تنھنجي ھام ڀرڻ سان

پورا ٿي سگھن ٿا

دنيا ۾ ھر انسان دردن سان جنگ ڪندو رھندو آھي پر جي ايم لاڙڪ تڪليفن باوجود ادبي سنگت سان ھر پل رابطي ۾ ھوندو آھي COVID-19 جي زماني ۾ ھر ماڻھو گھر تائين محدود ٿي ويو ھو اتي جي ايم لاڙڪ آن لائين مشاعرو ڪرائيندو رھندو ھو جنھن جي ڪري سڀ دوست جي ايم سان پيار ڪندا آھن ان سان  محبت جي اھا نشاني ھئي ته سندس جي ڪتاب ”دل جي وال تان “ جي مھورت ۾ سنڌ جا ناليوار ليکڪ اديب شاعر مفڪر شامل ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.