سوشل ميڊيا ڪارنر

سنڌي قومپرستي

"سوشل سائنسدانن جو چوڻ آهي ته قومپرستيءَ ۾ تنگدلي هوندي آهي، پر سنڌي قومپرستيءَ جو معاملو ٻيو آهي. سنڌي قومپرست شاعرن ۽ اديبن جو سنڌ سان عشق صوفين جي عشق مجازيءَ جهڙو آهي. جيئن مجازي  عشق صوفيءَ جي اندر کي اجرو ڪري کيس جنس حسن ِ ازل جو شعور بخشيندو آهي، تيئن سنڌ جي عشق سنڌي شاعر کي ساريءَ ڌرتيءَ جو عشق عطا ڪيو ۽ هن پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جي درد مان ساري ڌرتيءَ جي درد کي سڃاتو ۽ ان کي پنهنجي اندر جي سچائين سان محسوس ڪيو. ڀٽائيءَ جو سنڌ سان ازلي عشق هو. هن مارئي بڻجي پنهنجن ماروئڙن جي اهنجن، ايذائن، بيوسيءَ ۽ ناداريءَ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيا ۽ سنڌ جي صحرا کي نياڻين جو ستر سمجهيو. مرڻ کان پوءِ ديس جي ولين جي واس وٺڻ جي تمنا ڪئي ۽ ديس لاءِ چيائين:

سڄڻ ۽ ساڻيهھ، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.”

(آغا سليم جي ڪتاب، ”شيخ اياز صدين جي صدا“ تان ورتل)

حسن پٺاڻ جي پوسٽ

سنڌي قومپرستي: ٻيو موقف

ان مفروضي اسانجي دانشورن کي ڏاڍو سوگھو ڪري رکيو آهي، جنھن مان اڃا تائين نه نڪري سگھيا آهيون ته اسان سنڌي ڪي خاص ۽ دنيا کان مختلف آهيون…

دنيا جي صوفين کان اسان صوفي مختلف آهيون ۽ دنيا جي قومپرستن کان اسان مختلف قومپرست آهيون …جڏهن ته اسان به دنيا وانگر ڪجهه خراب ته ڪجهه سٺا آهيون…سٺاين کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ اوڻاين کي تسليم ڪندي جان ڇڏائڻي پوندي…سائنسي ۽ سماجي تحقيق اسان تي به هڪ جهڙي لاڳو ٿئي ٿي…تعليم، اهليت ۽ پازويٽو سوچ ئي بقا جي ضمانت آهي.

شاهه محمد پيرزادي جي پوسٽ

ڪراچيءَ ۾ شروع ٿيل ”سنڌ ڪرافٽس فيسٽيول“

سنڌ ثقافت کاتي پاران ڪراچي جي پورٽ گرانڊ ۾ ” سنڌ ڪرافٽس فيسٽيول” شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ "ساهتي اڪيڊمي آف آرٽ اينڊ ڪرافٽ محرابپور ” جي باجي قمرالنساءِ جوکيو کي پڻ خصوصي نمائندگي ڏني وئي آهي. فيسٽيول 3 ڏينهن 13 مئي کان 15 مئي تائين جاري رهندو. هٿ جي هنرن جي ميلي ۾ سنڌي رلي، سنڌي ڀرت ۽ سنڌي ڪاشي ۽ جنڊي جي ڪم جا 50 کان مٿي اسٽال لڳايا ويا آهن، جن اسٽالن ۾ ساهتيءَ جو سوتلي تي وکري ڪم جو واحد اسٽال پڻ شامل آهي جنهن ۾ ڏيهھ پرڏيھه جي ليجنڊ شخصيتن جا سوتليءَ سان ٺهيل مجسما رکيا ويا آهن، جن ۾ شاھ لطيف، سچل سرمست، سامي، ڀڳت ڪنور رام، ڀڳت ڪبير، سائين جي ايم سيد، محترمه بينظير ڀٽو، عابده پروين، بشير خان قريشي، علڻ فقير، عبدالستار ايڌي، راڳي سهراب فقير، مائي ڀاڳي، جيجي زرينا بلوچ، جلال چانڊيو، مولانا رومي، مڌر ٽريسا، مائيڪل جيڪسن، مهاتما گوتم ٻڌ، پرافيٽ موسيس، جيسس ڪرسٽ جي مجسمن سان گڏ شاھ لطيف جي شاعريءَ جي ڪردارن مومل راڻو، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلا چنيسر ۽ ٻين ڪردارن جا علامتي ۽ ثقافتي مجسما رکيا ويا آهن.

ياد رهي ته ليجنڊ شخصيتن جي مجسمن تي سوتليءَ جو ڪم نه رڳو سنڌ، پاڪستان پر دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ وکرو ڪم آهي، اهو پڻ ياد رهي ته ساهتي اڪيڊمي جو اهو ڪم صرف ماڻهن م آرٽ ۽ ڪرافٽ جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ نمائش ۾ رکيو ويو آهي وڪري لاءِ ناهي.

سنڌياچ جوکيو جي پوسٽ

ڪئناڊا جي سڀ کان وڏي گھر جو داستان

ٽورنٽو شھر ۾ ھڪ شاندار اڏاوت سان ٺھيل عمارت  ڪاسا لوما ھاڻ   ميوزم آھي جيڪو اڳ  ۾ ھڪ  گھر ھو. ھي گھر  سرمايه دار ھينري پيلاٽ پنھن جي رھڻ لاءِ ٺھرايو ھو. ھن شخص زندگي جي شروعات ته عام ماڻھو وانگر ڪئي پر ھو ڪافي وڏو ڪاروباري ماڻھون بڻجي ويو. ٻين ڌنڌن کان سواءِ ٽورنٽو جو پھريون بجلي گھر ۽ بجلي جي نيٽ ورڪ به ھن ٺھرايو ھو. ان سان گڏ ناگرا فال تي پڻ ھن جي ڪمپني پاور ھائوس ٺھرايو ھو.

جڏھن ھن وٽ پئسي جي قوت آئي ته ھن پنھن جو اھڙو گھر ٺھرائڻ جو سوچيو جيڪو ھن جي خوابن جي تعبير ھجي.

ھن پوءِ ٽورنٽو ۾ اھو گھر ٺھرايو جنھن جي تعمير سن 1911 کان 1914 تائين ھلي.  5 ايڪڙن تي تعمير ٿيل ھن عاليشان گھر ۾ 98 ڪمرا آھن، جنھن ۾ اعلي قسم جو ڪاٺ ۽ ٻيون معياري شيون لڳايون ويون ھيون. ڪمرن مان ھڪ، ھن برطانيه جي شاھي خاندان جي رھڻ لاءِ مخصوص ڪيو ھو. ھي گھر ڪئناڊا ۾ سڀ کان وڏو گھر سمجھيو ويو.

ھو ھن گھر ۾اٽڪل  10 سال شان شوڪت سان رھيو. جنھن دوران سندس گھر واري شاندار دعوتون ڪندي رھي.

چوندا آھن ته ھڪ سج ٻه پاڇا؛ پھرين مھاڀاري لڙائي کان پوءِ آيل ڪاروباري لاٿ ۾ ھن جا ڌنڌا متاثر ٿيا. ھن تي ڌنڌن لاءِ کنيل قرضن جو بار وڌندو ويو جيڪو لاھڻ ڏکيو ٿي ويو. ھوريان ھوريان ھن جي مالي حالت کي ڪمزور ٿيندي ويئي. ان سان گڏ ھن تي سالن کان ٽئڪس جي ادائگي جو بل به چڙھيل ھو.

آخرڪار سالن جي ٽئڪس جي رھيل رقم جي ڪري سندس اھو محل جھڙو گھر ضبط ٿي ويو ۽ ھي ھمراھ سن 1923 ۾ ھي گھر ڇڏي ٽورنٽو ويجھو ھڪ ننڍي شھر لڳ پنھنجي فارم ھائوس تي وڃي رھيو. اتي ئي ھن پنھن جي زندگي جا ڏينھن پورا ڪيا. شاھ خرچين ۽ بدقسمتي ھن جو عروج ٽوڙي کيس زمين تي آڻي بيھاريو.

 

خير محمد ڪولاچي جي پوسٽ

روسي ناول نگار ليو ٽالسٽاءِ جو هڪ واقعو

نامياري روسي ناول نگار ليو ٽالسٽاءِ جو پير غلطي مان ڪنهن ماڻهوءَ جي پير مٿان اچي ويو ته ان ماڻهوءَ کيس چڙ مان گهڻو ڪجهه ڳالهايو، گاريون به ڏنائينس. جڏهن اهو ماڻهو چپ ٿيو ته ٽالسٽاءِ احترامن پنهنجي ڪيپ لاهي کائنس معافي ورتي ۽ ٻڌيائينس ته منهنجو نالو ٽالسٽاءِ آهي. اهو ٻڌي همراهه شرمندو ٿيو ۽ چيائينس ته ڪاش اوهان پهريون ئي پنهنجو تعارف ڪرايو هان ته ٽالسٽاءِ جواب ڏنس ته اوهان پنهنجو تعارف ڪرائڻ ۾ ئي ايترو مصروف هيا جو مونکي پنهنجو تعارف ڪرائڻ جو موقعو ئي نه پيو ملي.

سوشل ميڊيا جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.