سنڌ ۽ ان جي لاوارث کاتن کي ڪير سنڀاليندو؟

سڪندر چنو

سنڌ جي وڏڙن چواڻي ته هڪ دور هوندو هئو. جنهن کي انگريزن جو کڻي دور چئون ٻڪري شينهن هڪ برابر هوندا هئا. ۽ ٻڪري شينهن گڏ گڏ زندگي گذاريندا هئا. مون کي ذاتي طور ان ڳالهه تي الائي ڇو اعتبار گهٽ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٿوري وقت لاءِ شينهن ڀلي پنهنجي شڪار ٻڪريءَ کي پنهنجي هنج ۾ پيار سان ويهاريون ويٺو هجي. پر اهو به ڄاڻڻ گهرجي ته شينهن مرندي مري ويندو. ڊڀ ڪڏهن به نه چرندو آهي. باقي وڏڙن جي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته صدر ايوب خان جي حڪومت ۾ ٻڪريءَ کي سوني دهري پارائي جهنگ ۾ ڇڏيو ويو هيو. ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ به اها سوني دهري ٻڪريءَ کي سلامت سان ڳچي ۾ پهريل هئي. مقصد ته ان وقت قانون جو خوف هيو. قانون جو ڊپ هيو. پوليس گهوڙن تي ايندي هئي. قانون جو وڏو احترام هوندو هيو. ۽ قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو برابر هوندو هئو. ۽ ان وقت قانون جي نظر ۾ ڪير به خاص ۽ عام نه هوندو هئو.

حالتون تبديل ٿينديون رهيون، جلد ئي سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو. اڄ ڪلهه انسان جو ملهه صرف 50 روپيا آهي. ڪورٽن سڳورين ۾ گهلاڙو تمام ڊگهو آهي. ڪيسن ۾ ڊيگهه، فيصلا وقت سر ۽ جلدي نه ٿيڻ سبب نه سهپ ۾ اضافو ٿئي ٿو. اڄ به وڏن ماڻهن کي قانون جي بالادستي لاءِ جيڪڏهن چيڪنگ وغيره لاءِ روڪيو ويندو آهي ته ان ۾ هو پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪندا آهن. ۽ پوليس تي ڪاوڙ ڪندا گيت ڳائيندا آهن ته پوليس اسان سان ناجائزي ڪئي آهي. ان جو سنئون سڌو مقصد ته قانون صرف هيٺين طبقي ۽ غريب بي پهچ ۽ لاچار لاءِ آهي. قانون جي احترام تي ان وقت به آڱريون کڄڻ لڳيون جڏهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ جي حڪم جي انحرافي ڪندي بي اعتمادي رٿ ۾ پيش نه ٿيو. ۽ ڪنڊم آف ڪورٽ ڪئي. مجبورن سپريم ڪورٽ موڪل ڏينهن آچر تي رات جو ٻارهين وڳي ڪورٽ کولي وئي. جنهن کان پوءِ عمران خان استعفيٰ ڏني. ان وقت اسان جي معاشري جي سوچ ۾گڙٻڙ پيدا ٿي ۽ قانون بابت مختلف سوال ۽ رايا ڪيا پيا وڃن. ۽ عام ماڻهوءَ جي اهڙين ڳالهين جو غلط اثر پئجي رهيو هيو. قانون جي لتاڙ جا سنڌ ۾ روزانو سوين واقعا ميڊيا جي مارڪيٽ ۾ ڦرندا رهن ٿا. بي پهچ ماڻهو هن لاقانونيت واري واديءَ ۾ صبح کان شام تائين رڙيون ۽ ڪوڪون ڪندا رهن ٿا. پر جيڪو ڏاڍو سو گابو واري سوچ ڏينهون ڏينهن جنم وٺي رهي آهي. ۽ تيزيءَ سان اسان جي معاشري ۾ پکيڙجي رهي آهي. سنڌ ۾ اڪثر ووٽر جو لاڳاپو سنڌ جي حڪمران جماعت يعني پي پي سان آهي. سنڌ جي رهبري جا دعويدار اهڙن مظلومن جي داد رسيءَ لاءِ ڪڏهن به اڳتي نه اچي سگهيا آهن. اهڙا ڪيترائي روزانو مثال ملن ٿا. سنڌ جي رهبري جا دعويدار انهن مظلومن لاءِ ڇا ڪيو آهي. جن جا معصوم ٻارڙا جيڪي اگهور ننڊ ۾ پنهنجي مستقبل جا خواب ڏسي رهيا هئا. جڏهن گرم ڏينهن ۽ گرم جهولن جي ٻاهه انهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪري ورتو. ۽ انهن 9 معصوم ٻچڙن کي اک ڇنڀ ۾ ساڙي ڪوئلو ڪري ڇڏيو. انهن ڪيڏيون نه اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون هونديون معصومن جو ساهه ڪيڏو نه تڪليف سان پرواز ٿيو هوندو. پوءِ ڇا ٿيو؟ اڄ به انهن جون امڙيون پنهنجي ليڊرن جن کي ووٽ ڏيئي اقتدار ۾ موڪلين ٿا انهن جي پويان فقيرن جيان در بدري واريون ٺوڪرون کائي رهيون آهن ۽ مدد لاءِ پڪاري رهيون آهن. جيڪڏهن آصف زرداري اسٽينڊ وٺي ۽ سختيءَ وارا حڪم ۽ جيڪڏهن ان علائقي جو پاڻ دورو ڪري ها ته اڄ سندن ضرور داد رسيءَ ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي مالڪي ڪرڻ به ان جي ذميواري هجي ٿي. سنڌي عوام رڍن جي ڌڻ جيان آهن. ان جو ڌنار آصف زرداري ۽ وزيرخارجه بلاول ڀٽو زرداري آهي. ان ڪري ڌڻ جو هر طرح جو خيال رکڻ به ڌنار جو ڪم هجي ٿو. ڌنار ڌڻ جو هر طرح جو محافظ هوندو آهي. ڌنار ڌڻ کي هر طرح سان سکيو به رکڻ جو پابند هوندو آهي. ۽ مختلف موتمار حملن کان بچائڻ به ڌنار جو ڪم هوندو آهي. پر سنڌ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. ڌڻ ڇڙ وڇڙ آهي. ڌنار پنهنجي پريشانين ۾ پورا آهن. ڇاڪاڻ ته بلدياتي اليڪشن جا ڏينهن آهن. آصف زرداري بلدياتي اليڪشن جي کٽڻ واري پاداش ۾ گم آهي. اها ٻئي ڳالهه آهي. ته سندس جي سياسي بصيرت تي آءٌ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي تيارين ۾ آهيان. سنڌ جا سڀ کاتا لاوارث آهن. ۽ روزانو کاتن ۾ ڪم ڪار لاءِ ايندڙ سائلين يتيم اولاد جيان ڀٽڪي رهيا آهن. موجوده وقت ۾ آصف زرداري جون ڳالهيون ڏاڍيون وزنائيتون ۽ وڻندڙ آهن. ۽ سنڌ جي يتيم عوام کي جيئندي جو وڏو سهارو بخشي رهيو آهي. ڪاش انهن تي آصف زرداري عمل به ڪري. پر سندس ڳالهين مان لڳي رهيو آهي ته هاڻي سختيءَ سان عمل ڪرائيندو. آصف زرداري کي خبر آهي ته سنڌ جا عضوا ٽوڙ ڦور جو شڪار آهن. سنڌ جا کاتا ان لاوارث اولاد جيان آهن جن جا وارث ڪافي وقت اڳ فوت ٿي چڪا آهن. پر پوءِ به لاوارث عوام آصف زرداري کي اڪيلو نه ڇڏيندو. سنڌ واسين جي ذهن ۾ جيڪو سوال گردش ڪري رهيو آهي. اهو اهيو ته آصف زرداري جيڪا سنڌ جي خوشحالي جي ڳالهه نواب شاهه ۾ ڪئي آهي ڇا ان تي عمل ڪري ڏيکاريندو؟ هن وقت بظاهر سنڌ جا دعويدار ۽ ڌنار هيٺيان آهن. آصف زرداري، وزيرخارجه بلاول ڀٽو زرداري، محترمه فريال ٽالپر ۽ وزيراعليٰ سنڌ. انهن سڀني جا سنڌ بابت گڏيل فيصلا هجن ٿا. سنڌ جي تباهه ٿيل کاتن جي نماڻين اکڙين ۾ روزانو ڪيترائي سوال نمايان نظر ايندا آهن ۽ اهي آصف زرداري کان سوال ڪندا آهن ته آخرڪار اسان جو قصور ڪهڙو آهي؟ جو اسان کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي؟ ان سوال جي جواب لاءِ هاڻي سنڌ جي ڦٽن تي آصف زرداري پها رکي رهيو آهي. جيڪو بظاهر هڪ بهترين قدم آهي.

سنڌ جا کاتا اهڙا ته لاوارث بڻجي ويا آهن جو آفيسرن ۽ ملازمن جي حصي ۾ صرف ۽ صرف رسوائي ۽ ذلت روزانو نروار ٿي رهي آهي. 2008 کان وٺي 2010 تائين سنڌ جي خوشحال وارو دور هيو. پوءِ سنڌ کي نڀاڳي نظر کائي ويئي. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾چهرن ۾ تبديلي سان به خوشحالي نه اچي سگهي آهي. ڪاش! آصف زرداري  پنهنجن ذاتي مفادن توڙي سياسي مفادن کان ٿورو هٽي ڪري ۽ انهن مفادن جي ڳنڍڙي ٻڌي ڪنهن ڪنڊ پاسي رکي سنڌ تي اڄ به خاص توجهه فرمائي ته سنڌ اڄ به پاڻ ڀرو ٿيندي يعني لاوارث کاتن جي مٿي تي شفقت جو هٿ آصف زرداري رکي ته سنڌ خوشحالي جي تحريڪ تي هلي پوندي. سنڌ ۾ هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ آهي.

آئون ته تازو سکر بئراج پنهنجي دوستن حامد علي چاچڙ، ارباب علي چاچڙ، ۽ قربان علي بليدي سان گهمي ڏٺو، ڏاڍو افسوس ٿيو. سکر وٽ به درياهه ۾ پاڻي ناهي. آصف زرداري پاڻ ذاتي طور دلچسپي وٺي ته پنجاب سنڌ جو پاڻي نه ٿو روڪي سگهي. ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت کي هلائڻ جو سهارو آصف زرداري  جو آهي. سنڌ جو عوام پاڻي لاءِ پريشان آهي. سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ آهي. پنجاب چشما ڪئنال وسيلي سنڌ جو پاڻي چورائي رهيو آهي. آصف زرداري کي احساس آهي ته ته سندس جي زمينن سميت سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. وزيرخارجه بلاول ڀٽو زرداري پاڻي معاملي تي ايترو اسٽينڊ ضرور ورتو آهي ته جيئن سنڌ عوام جي ڪاوڙ ۽ رنجش کي گهٽ ٿي سگهي. سنڌي اخبارن ۾ سنڌ جي اهجن ۽ سورن بابت جيڪي ڪالم يا خبرون لکيون وڃن ٿيون اهي پي پي قيادت تائين پهچايون ئي ڪونه ٿيون وڃن. ڇاڪاڻ ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري توڙي فريال ٽالپر جي سامهون اردو اخبارون يا انگريزي اخبارون ٽيبل تي سندن سامهون رکيون وينديون آهن.

هن وقت سنڌ سامهون پاڻي جو اهم مسئلو آهي. هن مئي ۾ سنڌ جي اڪثر ضلعن جن ۾ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو، دادو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ سارين جو ٻيجارو پوکجي ويندو آهي. پر اڃان سائين تائين بئراجن ۾ پاڻي نه اچي سگهي آهي. جنهن جي ڪري زراعت کي ڪافي ڌڪ آهي. سنڌ جو نوجوان طبقو مايوس آهي سنڌ جي نوجوانن جي گرد مايوسي ۽ احساس محرومي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن جي موسم آهي. ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. هي ووٽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏيڻ گهرجي. بحرالحال سنڌ جا لاوارث بڻيل کاتن کي وڌيڪ لاوارثيت ڏانهن نه ڌڪيو وڃي. موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. ڇاڪاڻ ته ملڪ،معاشي ڌٻڻ ۾ تيزيءَ سان ڦاسي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.