اڄ جي حالتن ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي جدوجهد ياد اچي ٿي

نثار لغاري

ڪامريڊ غلام محمد لغاري ميرپور خاص ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو. ظلم خلاف بغاوت ۽ مظلوم دوستي سندس خمير ۾ شامل هئي. ان دور ۾ برطانوي سامراج خلاف تحريڪ سموري هندستان ۽ مسلمان خطن ۾ پکڙيل هئي  هن خطي خلافت تحريڪ  آل انڊيا ڪسان سڀا ڪانگريس پارٽي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا  مجلس احرار هن سموري منظر ۾ قومي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيون هيون  هنن جي سامراج خلاف جدوجهد سان گڏ هارين  مزدورن ۽ غريبن جون تحريڪون به هلي رهيون هيون

ڪامريڊ غلام محمد لغاري جنهن علائقي ۾ پڙھي رهيو هو اتي به اهي خيال مختلف طريقن سان اچي رهيا هئا  انهيءَ خيال کان هڪ مزاحمتي ڪردار جو متاثر ٿيڻ لازمي عمل هو  انهن خيالن کي اختيار ڪري ڪامريڊ غلام محمد لغاري به سرگرم ٿي ويو هو. هو نهايت غربت واري زندگي گذاري آيو هو انڪري کيس چڱي طرح خبر هئي ته غربت ۾ ڪئين ماڻھو زندگي گذاريندا آھن هن انهي سموري تسلسل  ۾  ڪامريڊ سنڌ ھاري ڪاميٽي جو روح روان ٿي ويو . انهيءَ دوران ڪامريڊ ھندستان ۽ بعد ۾ پاڪستان سطح جي چوٽي جي ليڊرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. اسين جيڪڏھن بعد جي عرصي کي ڏسون ته فردن سان گڏ پارٽين جو بحران پڻ پيدا ٿيو جنهن حڪمران طبقن جي پارٽين کي طاقتور ڪيو. هن وقت حقيقت اها آھي ته عام ماڻھن لاءِ ۽ خاص طرح محڪوم  بنايل سماجن ۽ قومن لاءِ سياست ڪر ڻ سياسي پاور حاصل ڪرڻ زبردست پرامن جمهوري جدوجهد ڪرڻ عوام کي منظم ڪرڻ منظم جدوجهد ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي ڇو ته حڪمران قوتن ماڻھن جي جئيڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آھن. سماج کي مڪمل طرح برباد ڪرڻ جي هر حڪمت عملي تي هي عمل پيرا آھن. هن وقت منهنجي نظر ۾ جيڪڏھن ڪو تمام وڏو بحران آھي ته اهو سماج ۾ انقلابي پارٽي جو نه هجڻ آھي. اها نه هجڻ جي ڪري حاڪم قوتن کي مڪمل طرح ڇوٽ مليل آھي ته هو جيڪو چاهين اهو ڪن ايتري قدر جو هو هڪ سياسي مشھور ڪارڪن کي کنڀي گم ڪري ڇڏين پر انهن کي ڪجهه نه ٿيندو مطلب سياست ايتري ڪمزور ٿي چڪي آھي سياسي پارٽيون تمام گهڻو ڪمزور آھن

افسوس آھي ته انقلابي يا جمهوري پارٽيون اهو سڀ ڪجهه مّحسوس ڪندي به نه پاڻ کي سگهارو ڪرڻ لاءِ تيار آھن نه ئي پاڻ کي منظم ڪرڻ لاءِ تيار آھن نه ئي هو پنهنجي هم   خيال پارٽين ۽ گروپن کي گڏ ڪري ڪا وڏي اتساهيندڙ تحريڪ کڙي ڪرڻ لاءِ تيار آھن. هن وقت به ننڍا ننڍا انقلابي گروپ ڪنهن اتحاد ۾ گڏائجن ته وڏي سياسي تحريڪ جڙي سگهي ٿي. مسلسل مهانگائي بيروزگاري بک بدحالي ڪرپشن وڏيرن ۽ پوليس جي ظلم ترقياتي ڪم نه ٿيڻ حڪمران ڌرين جي مسلسل ناانصافي پنهنجا نوازي زبردست لٽمار عوام جي ڪاوڙ ۾ شديد واڌارو ڪيو آھي تيرنهن سالن ۾ عوام جي لاءِ پيپلزپارٽي ڪجهه ناهي ڪيو، ظلم بربريت جي انتها ٿي چڪي آھي .هن وقت جدوجهد باوجود ا صل حڪمران ايترا طاقتور آھن جو هو جڏھن ۽ جتي چاهين ڪنهن به سياسي  ڪارڪن کي کنڀي گم ڪري ڇڏين سياسي پارٽين ۾ ايتري طاقت ناهي جو اهي پنهجي ڪارڪنن لاءِ مؤثرآواز اٿاري سموري سماج کي متحرڪ ڪري سگهن، اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته انقلابي سياست اڳ کان وڌيڪ ڏکي ٿي چڪي آھي.

هن سنگين صورتحال ۾ به اسان جي انقلابي سياست ڪندڙاڳواڻن جي ڪجهه کي ڇڏي اڪثريت جو رويو ٻاراڻو آھي مثال اتحاد ڪرڻو ناهي يا نالي ماتر ڪرڻو آھي هارين مزدورن ۾ وڃي ڪم ڪرڻو ناهي باقي جڏھن ڪا مجبوري اچي ته يڪدم ور کنجي وڃي عام ماڻھن وٽ پهچڻو آھي نتيجي ۾ موٽ به اوتري ملندي ڪافي عرصو آرام ڪري پوء اچانڪ ماڻھن وٽ وڃبو  مستقل مزاجي سان ڪم نه ڪبو. افسوس ته جيڪي تاريخ ۽ جدليات جاماهر آھن هو چون ٿا اسان کي سڀ خبر پوء آنهن کي ڪير اچي سمجهائي، ڇهه جون تي بحريا ثائون جي جلسي کان پوءِ مسلسل عوام چارج آھي انهيءَ حوصلي کي سياست کي طاقتور ڪرڻ لاءِ  ڪردار ادا نه ڪبو ويو ته اهو موجودا موقعو وڃائڻ جي مترادف هوندو .هن وقت هر سماجي سياسي بحران هڪ وڏي منظم پورهيت طبقي جي پارٽي نه هجڻ جي صورت ۾ پاڻ کي اظھاري رهيو آھي جيڪي پارٽيون موجود آھن، اهي عظيم تاريخي گهرج تي پوريون نٿيون لهن.

آخر ۾ اهو سوال سڀني سياسي قوتن کان آھي ته اسان جي سياست سگهاري هجي ته اسان جي ڪنهن پرامن سياسي ڪارڪن جي جبري گمشدگي ائين آساني سان جيڪر ممڪن نه هجي، اهو ئي نقطو وڌ کان وڌ غور طلب آھي جنهن ڪري روايتي پڻي مان نڪرڻو پوندو.هارين ۽ مزدورن تي طبقاتي جبر ۽ استحصال وڌيو آھي پر سنڌ ھاري ڪميٽي سميت پورهيت طبقي جي ڳالهه ڪندڙ تنظيمون ڪمزور ٿيون آھن، جنهن جو وڌيڪ افسوس ٿيو آهي.

موجوده پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام لاءِ  ڪجهه ناهي ڪيو  ، پبلڪ جي سياسي سپورٽ جو گراف ڏهاڪو کن سال اڳي کان ڪريل آهي، انڪري اقتدار کي قائم رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، هتي واري اقتداري سسٽم کي قائم رکڻ  لاءِ هڪ ته بيورو ڪريسي جي حمايت کپي ٿي، انهن لاءِ هنن ڇا ڪيو آهي جو، ڪرپشن رشوت جا در کولي ڇڏيا اٿن، يعني انهن کي به ڪرپشن رشوت ۽ منشيات جي پيسن ۾ برابر جو حصيدار ڪيو اٿن، ٻيو ته اقتدار کي هلائڻ لاءِ اڀري سڀري سياسي سپورٽ به کپي ٿي، اها هنن پراڻن انگريز دور جي سياسي لارڊن وسيلي پوري ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي آهي، سنڌ جا پراڻا سياسي لارڊ جيڪي هتي سردار، ڀوتار، ملڪ، وڏيرا، رئيس، پير شاهه سڏبا آهن، اهي  تاريخي پراسيس ڪري ڪمزور ٿي ختم ٿي چڪا هئا انهن کي هنن يعني بلاول زرداري وارن بيورو ڪريسي هٿان آڪسيجن ڏياري، پبلڪ جا جيڪي ضروري سرڪاري ڪم ڪار آهن، اهي هنن جي هيٺان تابع ڪري ڇڏيا اٿن، جيئن انهن هٿان سنڌي عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ سئولو ٿي پوي، اهو هڪ ظالماڻو سياسي طريقو آهي، جيڪو مهذب دنيا ۾ ته چند سئو سال کان بند آهي پر هتي هي انکي گذريل هڪ ٽرم تائين هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، اڃان به هي سمجهن ٿا ته مسقبل ۾ به ان ظالماڻي سياسي نظام کي ايئن ئي هلايون! پر هاڻي ان سياست جو دور بلڪل ختم آهي، هاڻي هتي واري سنڌي پبلڪ به سوشل ميڊيا ڪري ڏاهي ٿي رهي آهي، کڻي مڪمل ڏاهي نه ٿي آهي، پر ايتري ڏاهي ته ضرور ٿي ويئي آهي جو هي ظالماڻو سياسي سسٽم نٿا قبولين، هي بلاول زرداري وارا وري ان پراڻي طريقي تي هلڻ پسند ڪن ٿا، بلاول جو ڪردار هاڻي واضع طور تي انهيءَ پراڻي ظالماڻي سياسي ماڊل جي گرد گهمي رهيو آهي، جنهنکي سڀڪو باشعور سمجهي پيو، پاڻ وٽ هتي  وري ڪي ان کي آڪسفورڊ ۽ يورپ جي جديد سياسي تربيت يا ماحول ۾ ڳولهي رهيا آهن، سو انڪري انجو ڪردار انهن کي سمجھه ۾ نٿو اچي، اهي رڳو پنهنجيون نظرون، مٿين ڪانسيپٽ سان ڦيرائي ڏسن، پوء چوندا آهن ته "نظر بدلے نظارے بدلے” بلڪل ايئن بلاول زرداري اينڊ ڪمپني واري سياست به سمجهھ ۾ اچي ويندي.

هڪ دوست لکيو 1965 ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ جي شاندار تحريڪ کانپوءِ سنڌ جي شعور کي قابو ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جي آشرواد سان ڀٽي صاحب جي اڳواڻي ۾ 1967 ۾ جاگيردارن جو اتحاد ٺاهيو ويو جنهن اتحاد ۾ سنڌ جي سڀني پيرن ميرن ۽ سردارن کي گڏائي واڳ ڀٽي صاحب جي هٿ ۾ ڏني وئي ڀٽي صاحب کانپوءِ واڳ محترمه ۽ محترمه کانپوءِ واڳ زرداري جي هٿ ۾ ڏني وئي آهي اڳتي هلي اها واڳ بلاول ڀٽو زرداري جي هٿ ۾ هوندي ائين هي 250 ماڻهن جو ٽولو هنن وٽ قابو هوندو ۽ 6 ڪروڙ سنڌي هنن پيرن، ميرن ۽ سردارن جي 250 جي ٽولي وٽ قابو هوندو جيڪو سموري سنڌ ۾ سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا بڻياد مضبوط بڻائيندا رهيا ۽ بڻائيندا رهندا- هن سموري صورتحال مان نڪرڻ جي باسعادت گهڙي ويجهي اچي چڪي آھي هاڻ منزل پري ناهي ويجهي آھي پيپلزپارٽي جو پراجيڪٽ ھاڻ ختم ٿي چڪو .

هن سموري صورتحال ۾ ليڊر شپ جو بحران عروج تي آھي مهانگائي بيروزگاري ۽ جبر جو شڪار سماج موجوده حڪمرانن مهانگائي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي  ۽ ان جي مٿان وري اهي بيان به آھن  ته ڪو مسئلو ناهي. سموري دنيا ۾ جيڪا مهانگائي آھي ان کان هتي گهٽ آھي  هتي جيڪو غير جمهوري قوتن جو جبر آھي اهو به گهٽ آھي.

حقيقي  عوام دوست سياسي قوتن جو هن وقت ننڍي ۾ ننڍو تحرڪ به عوام حڪمران طبقن انهن جي مخالف ڌر تي گهرا اثر مرتب ڪندو  حڪمران طبقو انهي ڪري به ڊنل آھي جو جنهن ڏينهن عوام جي تحريڪ شروع ٿي انکي محدود دائري ۾ رکڻ مشڪل ٿي ويندو اهو خوف حڪمران ڌر ۽ سندن مخالفن کي ڀلي پت آھي.

اهڙين حالتن ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙن ڪردارن کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جهڙو بنجڻ جي سخت ضرورت آھي، هن وقت افسوس آھي ته اسان جا ڪميٽيڊ ماڻھو به اهو چوندي ٻڌبا آھن ته ماڻھو اڳتي اچڻ لاءِ تيار نه آھن اهي ڪامزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن اسين ڇا ڪريون  تصور ڪريو اڄ کان پنجاهه سال اڳي ڪامريڊ غلام محمد اڪيلي سر سچائي اشاعت گهر تان  اخبار هاري حقدار سائيڪلو اسٽائل تي ڇا پيندو هو لکندو هو ۽ ھارين جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي هر اليڪشن ۾ بيهي کين سجاڳ ڪندو هو ڇا ان وقت حالتون بهتر هيون ۽ ماڻھو سمجهڻ لاءِ تيار هئا يا اڄ حالتون بهتر ۽ زبردست آھن ؟

هن وقت ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙي جوش ۽ جذبي حوصلي ۽ جرائت جي ضرورت آھي. هن وقت جيڪڏھن سموري سنڌ ۽ سمورو سماج جيڪڏھن مسئلن ۽ غلامي ۾ جڪڙيل آھي ته ان جو سبب ڪمٽمينٽ پاڻ ارپڻ جي کوٽ آھي. تاريخ ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙا فرد قومن سماجن جي ارادي جي تشڪيل جو ڪم ڪندا آھن انهيءَ ارادي کي تشڪيل ڏيڻ جي ضرورت آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.