سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ سبب تباهيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي؟

برڪت شيخ

پاڻي زمين تي موجوده سڀني جاندارن لاءِ ضروري آهي. ۽ پاڻي ڌرتي تي خدا تعاليٰ جو هڪ انمول تحفو آهي. جيڪو انسان جي جياپي لاءِ انتهائي ضروري آهي. پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو  شروع کان وٺي رهيو آهي. ۽ اسان جو پاڪستان هڪ ذريعي ملڪ آهي. جنهن جي خوشحالي ۽ ترقي جو دارو مدار زراعت سان آهي. ان خوشحالي ۽ ترقي ۾ سنڌ جو اهم ڪردار آهي. جيڪو وفاق کي ريوينيو جي مد ۾ 70 سيڪڙو ناڻو ڏئي ٿو. جيڪو ملڪ کي هلائڻ لاءِ ڪافي آهي. 40 سيڪڙو زراعت ۽ 30 سيڪڙو انڊسٽريز مهيا ڪن ٿيون. پر زراعت ۽ ڪارخانا پاڻي کانسواءِ اڻ پورا آهن جيستائين سنڌ ۾ پاڻي نه هوندو، ملڪي معيشت بهتر ڪو نه ٿيندي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ پاڻيءَ لاءِ سِڪي رهي آهي، پاڻي نه هجڻ سبب سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ويران ۽ غير آباد ٿي رهيون آهن، چئني صوبن لاءِ پاڻي جي ورڇ تي وفاقي حڪومت 1991ع ۾ (Water Apportionment Accord) WAA قائم ڪئي. جنهن ۾ پاڻي ورڇ جا معاملا ضابطه اخلاق طئي ڪيا ويا.

ارسا يعني انڊس رور سسٽم اٿارٽيءَ طرفان صوبن کي ضرورت موجب پاڻي جي ورهاست جو ذمو ڏنل آهي جنهن تي سڀني صوبن کي عمل ڪرائڻ لاءِ پابند ڪيو ويو. جڏهن سڀئي صوبا ان فيصلي تي راضي ٿيا ان کان ارسا هڪ پاڻي جي ورڇ جو ليٽر جاري ڪيو ويو. ۽ نوٽيفڪيشن پارليامينٽ هائوس مان پاس ڪيو ويو ان بعد صدر پاڪستان پڻ منظوري ڏني.

جنهن ۾ پنجاب کي (55.94 ايم اَي ايف) سنڌ کي (ايم اي ايف 48.76) ڪي پي ڪي کي (ايم اي ايف 8.78) ۽ بلوچستان کي 3.87 ايم اي ايف پاڻي جي منظوري ڏني وئي پاليسي تحت جيڪو سنڌ جو حصو آهي ارسا ان تي عمل نه ڪيو سنڌ جو پاڻي پنجاب کي ڏنو ويو ۽ اهو سلسلو سالن کان هلندڙ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ صوبن ۾ پاڻي تان تڪرار شروع ٿي ويو.

جيڪو سنڌ جو پاڻي وارو حصو آهي اهو هن ريت آهي، خريف ۾ 33.94 ۽ ربيع م 14.82 آهي پر ”ارسا“ معاهدي تي عمل نه ڪيو ۽ سنڌ جو پاڻي، ڄاڻي واڻي پنجاب کي ڏنو ويندو آهي. پر پنجاب ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو ته اسان پاڻي چوري نه ٿا ڪريون. ارسا کي ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پابند ڪيو ويو. هاڻي سنڌ جي حالت اها آهي ته زراعت ته پري جي ڳالهه آهي پيئڻ لاءِ به پاڻي ڪونهي.

هن وقت سنڌ ۾ درياهن جي حالت اها آهي جو واريءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو خبر ناهي پاڻي ويو ڪيڏانهن؟ سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو (29275) ڪيوسڪ آهي، ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو (4845) ڪيوسڪ آهي، ۽ گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو (34233) ڪيوسڪ آهي. جيڪو سنڌ لاءِ اڻپورو آهي.

ڪينجهر ۾ پاڻيءَ جي سطح خطرناڪ حد تائين ڪريل آهي. جيڪا 48 فوٽ تائين رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪڏهن اها 34 فوٽ تي آئي ته ڪراچيءَ واسين کي پيئڻ لاءِ پاڻي به ڪونه ملندو. ان پوري تباهي جي ذميوار ارسا آهي جيڪا سنڌ سان ناانصافي ڪري رهي آهي. پنجاب کي وڌيڪ پاڻي ڏئي سنڌ کي سڪائي رهي آهي.

سنڌ جي حالت اها آهي ته سکر بئراج جا دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال بند آهن. گڊو بئراج جا سڀئي واهه بند آهن، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻيءَ بدران واري آهي تازو گڊو بئراج ۾ 80 هزار ڪيوسڪ بدران 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. پر 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي سڪل درياءُ پي ويو باقي 15 هزار ڪيوسڪ جيڪو زراعت لاءِ ڪجهه به نه آهي.

سنڌو درياهه ڪروڙن انسانن کي پالي ٿو ۽ ان جي منزل تمام ڊگهي آهي، سنڌو درياهه چائنا کان انڊيا، ڪشمير، گلگت، پنجاب ۽ آخر ۾ سنڌ اندر داخل ٿئي ٿو. جنهن جي ڊيگهه (3180) ڪلو ميٽر آهي سنڌ ۾ پهچندي پهچندي پاڻي وچ وارن علائقن جا ماڻهو چوري ڪري وڃن ٿا. پنجاب جي پنجن درياهن کي سنڌو درياهه آباد ڪري ٿو. پنجاب پنهنجا درياهه ۽ ان جو پاڻي پنهنجي لاءِ ڪتب آڻين ٿا. سنڌ درياهه مان پنجاب بجلي گهر، زراعت، پيئڻ جو استعمال ۽ ڊيم پڻ سنڌو درياهه سان ڀرن ٿا باقي جيڪو پاڻي بچي ٿو ان مان به پنهنجي حصي جي ڳالهه ڪن ٿا.

سنڌ جو پاڻي جو حصو 48.76 آهي ان مان سنڌ تي احسان ڪري 26.55 پاڻي ملندو آهي. جيڪو سنڌ لاءِ بلڪل نه هجڻ برابر آهي.

ويجهڙ ۾ سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي صورتحال ڏسي سنڌ ۾ سارين پوکڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ملي، پاڻي جي کوٽ آهي ان ڪري چانورن جي پوک تي پابندي هنئي آهي. جنهن سان سنڌ کي اربين روپين جو نقصان ٿيندو اهو نقصان سنڌ جو نه پاڪستان جو آهي. جنهن سان ملڪ جي معيشت بلڪل تباهه ٿي ويندي ۽ اسان جي آبادگارن ۽ غريب هارين جو هڪ وڏو نقصان آهي. ان نقصان کي برداشت ڪرڻ آبادگارن ۽ غريب هارين جي وس جي ڳالهه نه آهي.

صوبن جي وچ ۾ پاڻي جو معاهدو 16 مارچ 1991ع طئي ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ 21 مارچ 1991ع گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ صوبن جي پاڻيءَ جو مسئلو طئي ڪيو ويو. پر افسوس انهيءَ ٿيل فيصلي کي ارسا تسليم ته ڪري ٿو پر عمل نه ٿو ڪري. اها ارسا جي نااهلي آهي جيڪا پاڻيءَ جي ورڇ صحيح طريقي سان نه ڪري رهي آهي. ان ڪري صوبن ۾ تڪرار وڌندو وڃي ٿو. گهڻي ۾ گهڻو تڪرار پاڻي جي مسئلي تان سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ٿيندو آهي.

ياد رهي ته ارسا جي چيئرمين جو تعلق سنڌ سان آهي جيڪو سنڌ جي نمائندگي پڻ ڪري رهيو آهي. خبر ناهي زاهد حسين جوڻيجو چيئرمين ارسا خاموش ڇو آهي. هينئر سنڌ ۾ پاڻيءَ جو شديد بحران آهي. سنڌ جو هر فرد پاڻي لاءِ پريشان آهي. جيستائين سنڌ ۾ پاڻي نه ايندو، نه فصل ٿيندا نه پيئڻ لاءِ پاڻي ملندو ۽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ملندو.

اندازي موجب پاڻيءَ جي ڪميءَ سبب هر سال سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي آهي. اها زرعي زمين بلڪل ويران ۽ بنجر ٿي وڃي ٿي. جنهن سان آبادگار تباهه ٿي وڃن ٿا. هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب عوام روڊن تي نڪري آيو آهي هر طرف اها صدا آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو ۽ سنڌ بچايو.

پاڻي جو مسئلو 1991ع واري ٺاهه تي عمل سان حل ٿيندو ان سان بين الصوبائي تڪرار کي ختم ڪري سگهجي ٿو. پاڻيءَ جو تڪرار اهم رخ اختيار ڪري ويو آهي. خاص طور تي سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

جڏهن سنڌ ۾ پاڻي ايندو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي واري تان تڪرار شروع ٿي ويندو آهي. هر هڪ آبادگار چاهيندو آهي ته پاڻي اسان جي زمين ۾ هجي ۽ پوک بهتر ٿئي ان نتيجي ۾ پاڻي جي واري تان ڪيترائي قتل ڪيا وڃن ٿا. هينئر سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ته ”پاڻي ڏيو سنڌ بچايو“ ان احتجاج ۾ هر هڪ سنڌ واسي پنهنجو فرض نڀائي رهيو آهي. پاڻي لاءِ احتجاج وفاق لاءِ هڪ پيغام آهي پاڻي فراهم ڪندڙ ادارا ’ارسا‘ ۽ واپڊا عملدار سنڌ جي احتجاج جو نوٽيس وٺن.

خاص طور تي ملڪ ۾ نئين قائم ٿيل حڪومت جو فرض آهي ته چئني صوبن کي هڪ نظر سان ڏسي صوبن وچ ۾ ڪو به فرق نه هئڻ گهرجي. پاڻيءَ جو مسئلو هر صوبي لاءِ اهم آهي، ان کي اوليتي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي عوام جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ نه پر ملڪ جي بقا جو مسئلو آهي، جنهن کي فوري طور حل ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.