سنڌ جا نوجوان وڏا سياسي بت ڪيرائي سگهن ٿا!

نذير سومرو

پنجن سالن ۾ هڪ ٽڪي جو ووٽ ڏيو ٿا اهي سونهري لفظ هڪ وڏيري تقرير ڪندي فرمايا. ان کان اڳ هڪ وڏيري ووٽ تي پيشاب ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون هيون ۽ ڪيتريون ئي بد تهذيبي ڳالهيون ڪندا رهيا آهن سنڌ جا ٻيا وڏيرا پر پوءِ به سنڌين انهن کي ئي ووٽ ڏنا. هن ڀيري به جون جي ٽهڪندڙ سج هيٺان سنڌ جا ڦريل لٽيل سنڌي جيئي جيئي جي نعرن سان پنهنجا ووٽ پيٽين ۾ وجهندا. ووٽ ڏيندڙ ساڳيا ووٽ وٺندڙ به ساڳيا. ووٽ وٺندڙ جا نعرا به ساڳيا انهن جا اشتهار ۾ ڪيل واعدا به ساڳيا ته ووٽ ڏيندڙن جا مطالبا به ساڳيا. ووٽ وٺندڙ جي ڪنڌ ۾ پيل ڪِلي به ساڳي ته ووٽ ڏيندڙ جي چهري جي ويچارگي به ساڳي. ووٽ وٺندڙ جا ڪوڙ به ساڳيا ته ووٽ ڏيندڙ جي ڦرجڻ جا انداز به ساڳيا. انهن ووٽ ڏيندڙن کي اها به خبر ڪونهي ته هو جنهن کي ووٽ ڏيئي رهيا آهن ان کي هو ووٽ ڇو ڏيئي رهيا آهن هو انهن لاء ڇا ڪندو.

سنڌ جي اليڪشني تاريخ فراڊ ڪوڙ دوکيبازيءَ سان ڀريل آهي گهڻو ڪري ووٽ وٺندڙ سئو سيڪڙو نه ته نوانوي سيڪڙو ڦورو وڏيرا ئي رهيا آهن نتيجي لاء اوهان هر شهر جي ڀڙڀانگ ٿيل گهٽيون ڏسو. روڊ رستا ڏسو. عام ماڻهن جا گهر ڏسو ۽ وڏيرڪا ٺٺ ڏسو. هر ڳوٺ جا ويران گهر ۽ انهن جا پريشان رهواسي ڏسو. ايڪيهين صديءَ ۾ اوهان کي چوڏهين پنڌرهين صديءَ جا ڏيک نظر ايندا. هر ڳوٺ اوهان کي وڏي واڪ ٻڌائيندو ته ان کي ڀينگ ڪهڙي خونخوار وڏيري بڻايو آهي. روڊ رستن جا خالي پاسا اوهان کي دانهن ڏيئي ٻڌائيندا ته اتان وڻ وڍي ڪهڙي بنگلي/اوطاق جو فرنيچر ٺاهيو ويو. روڊ رستن جا پٿر اوهان کي ٻڌائيندا ته ڪهڙو سائين ان مٿان پوندڙ ڊامبر/ڏامر جا پيسا به کائي ويو.

ڇا وڏيرن جو اسان مٿان ائين حڪمراني ڪرڻ سڀ آسماني آهي ۽ پنهنجي تباهي کي مقدر سمجهي ويهي رهجي. نه ائين ناهي هي سڀ ڪجهه بدلجي سگهي ٿو رڳو لطيف سائين جي هن ڳالهه تي عمل ڪرڻو آهي ”هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون…..“ رڳو همت ڪري هن اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي. خاص طور تي نوجوان اڳتي اچن ۽ وڏيرڪي استادين/هٿ جي صفائين کي سمجهي ان سان مهاڏو اٽڪائين.

وڏو سچ اهو آهي ته سنڌ جي هر شهر/تعلقي/ضلعي ۾ هڪ جهڙي صورتحال آهي وڏيرا ساڳي پارٽيءَ ۾ هوندي به هڪ ٻئي جا جاني دشمن بڻيل آهن هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لاء تيار ڪين آهن اندران ئي اندران هڪ ٻئي جون ٽنگون پيا ڇڪين اهڙي صورتحال ۾ نوجوان پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهن ٿا رڳو همت ڪرڻي آهي. اسان وٽ هڪ اڻ ڏٺل خوف آهي ته اسان هارائي وينداسين ۽ جڳ ۾ ڏٺا ٿينداسون. جيڪڏهن سوڀ ئي سڀ ڪجهه آهي ته پوء اسان ڪڏهن به هڪ قدم کڻي ڪين سگهنداسين. سوڀ لاء مسلسل هار منجهان گذرڻو پوندو.

اوهان اسان کي باباء سنڌ حيدربخش جتوئيءَ جو هڪ روايتي وڏيري کان هارائڻ نه وسارڻ کپي. حيدر بخش جتوئي ڊي سي جي نوڪري ڇڏي سنڌ جي سياست ۾ آيو جيڪو پنهن جي حريف کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ پڙهيل لکيل هو. ڪيترا دفعا ”سياسي“ هو ڪيترا ئي دفعا علم ۽ عمل ۾ ان کان گهڻو هو.

رسول بخش پليجو پنهنجي حريف کان لکين دفعا وڌيڪ پڙهيل لکيل هو ڪيترا دفعا وڌيڪ ”سياسي“ هو. دنيا جي گهڻن ملڪن جي وڏين يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندڙ هن سائينءَ سان علم ۽ عمل ۾ حريف جو ڪو مقابلو ئي ڪونه هو. هو نظرياتي سياست جو هن خطي ۾ بانيڪارن منجهان هڪ هو پر هڪ عام ماڻهوءَ کان هارائي ويو. پير صاحب پاڳارو پنهنجي حريف کان گهڻين ڳالهين ۾ تمام مٿي هو. هو هڪ سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ هو. هو ڪيترن ماڻهن جو مرشد هو، ڪيترا انسان ان جي هڪ اشاري تي سر ڏيئي سگهن ٿا. هو حڪومتون ٺاهيندڙ هو پر هڪ عام ڪارڪن کان هارائي ويو.

مٿيان ذڪر ٿيل ماڻهو تمام دورانديش هئا هنن کي خبر هئي ته اليڪشن جو نتيجو ڪهڙو ايندو/ڪهڙو آندو ويندو پر بيهي رهيا تنهنڪري ڪنهن خونخوار وڏيري جي سامهون بيهي رهڻ ئي اصل سورهيائي آهي نه ڪي کٽڻ.

هي هڪ سونهري موقعو آهي بغاوت ڪرڻ جو. خاص طور اهي پارٽيون جن وٽ افرادي قوت آهي جنهن سان ڏاڍ ڪرڻ کان وڏيرا لنوائيندا رهيا آهن اهي ڪنهن آسماني مدد جو انتظار ڪرڻ بنا هر تڪ ۾ پنهنجا اميدوار بيهارين.

هن وقت سنڌ جنهن خطرناڪ موڙ تي بيٺل آهي ان کي هن صورتحال مان ڪڍڻ لاء ضروري آهي ته عملي سياست ڪجي. نظرياتي سياست اسان جي رهبر هوندي. ڪتابن ۾ لکيل لفظ اسان جي رهنمائي ڪندا پر عملي/اليڪشني سياست ئي اسان کي هن باهه جي اوڙاهه مان پار ڪندڙ هوندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.