غلطين ۾ پي ايڇ ڊي ۽ مهانگائي

رفيق پٽيل

اها هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي ته عمران خان جي حڪومت جي خاتمي ۽ شهباز شريف جي حڪومت جي جڙڻ سان سياسي عدم استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ ڪيئن ڀيرا اضافو ٿي ويو  آهي، لڳ ڀڳ سمورا تجزئي نگار ان سان اتفاق ڪن ٿا ۽ انهن جي بحث جو موضوع پڻ ان جي چٽي عڪاسي ڪري ٿو. ٻئي پاسي ملڪ ۾ مهانگائي جي وڌندڙ طوفان ڪري عوام ۾ بي چيني اڃان به وڌي رهي آهي مسلم ليگ ن جي طرفان پهرين غلطي اها ٿي ته ان مستقبل جي رٿا بندي بنا بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي ٻي غلطي اها آهي ته ڪجهه اهم مقدمن جي خاتمي جي لاءِ وقت حاصل ڪرڻ جي ڪري فوري چونڊن کان انڪار ڪري ڇڏيو.حالانڪه ان موقعي تي پنهنجي مرضيءَ جا شرط مڃرائي چونڊن ڪرائي سگهجن پيون،۽ عمران خان کي شڪست ڏئي سگهجي ها،اهو موقعو به هٿ مان نڪري ويو،ٽين غلطي اها هئي ته خود ان عمران خان جي سازش جي الزام کي تمام گهڻي اهميت ڏني ۽ هاڻي به ان ڄار ۾ ڦاسي رهيا آهن،۽ حڪومت پنهنجي ساک کي ڏينهون ڏينهن خراب ڪري رهي آهي،چيو پيو وڃي ته ان تي ڪميشن جوڙي ويندي جنهن سان مسئلو اڃان به منجهندو، نون نون سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو، سازش جي الزام کي گهڻو سنجيده ورتو ويو ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي بهتر رويو رکيو آهي،جنهن طرفان نسبتن بهتر جواب اچن ٿا.

عمران خان جي سازش جي جواب ۾ چئي سگهجي پيو ته سياست ۾ مخالفن خلاف رٿابندي ۽اتحاد معمول جو عمل آهي، بي اعتمادي جي رٿابندي ٻن سالن کان غور هيٺ هئي،اتفاق راءِ فيبروري ۽مارچ ۾ ٿيو ۽جيڪڏهن عمران خان خود ڪنهن طاقتور ملڪ سان لاڳاپا خراب ڪري ورتا هئا ته اها خود ان جي غلطي هئي،ان جو مسلم ليگ ن يا پيپلزپارٽي سان تعلق جوڙڻ بي معنيٰ آهي، پر بنا سوچڻ سمجهڻ جي ايتري قدر جواب ڏنا ويا آهن، پهرين چيو ويو ته اهڙو ڪو مراسلو نه آهي پوءِ چيو ويو ته خالي ڪاغذ آهي، پوءِ خط وري مراسلي جي فرق تي بحث جو سلسلو شروع ٿيو. ان ۾ تجزئي ڪندڙن به شامل ٿي ويا جيڪي هر وقت اهو چاهين ٿا ته ڪو پُر ڪشش موضوع ملي جنهن تي عوام جو توجهه هجي. عمران خان ته هر وقت بحث جو موضوع ٿين چاهي ٿو. سندس حڪومت ته هلي وئي پر نئين حڪومت کي پنهجي ڄار م ڦاسائي ورتائين، ۽ ملڪ ۾ ان کانسواءِ ڪو قصو ناهي بچيو ڄڻ. مسلم ليگ ن کي سوچڻ گهرجي ها ته حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ گهڻ جماعتي اتحاد ٺيڪ هو پر بنا چونڊن جي حڪومت بڻائڻ دانشمندي نه هئي.خاص ڪري اهڙي موقعي تي جڏهن ان ۾ اضافو اڻٽر هو.عوام کي اهو سمجهائڻ ممڪن نه آهي ته مهانگائي جي ذميدار موجوده سرڪار نه آهي هن وقت اسٽاڪ مارڪيٽ هيٺ اچي رهي آهي،ڊالر قابو ڪرڻ کان ٻاهر آهي،اٽو دال ڀاڄيون گوشت،ڪڪڙ جو گوشت ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌي رهيون آهن ماڻهن جو هوش هڪ جاءِ نه آهي،ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي ڪيفيت آهي،۽عوام جو لاڙو عمران خان ڏانهن وڌي رهيو آهي،موجوده اتحادي حڪومت جو سمور بار مسلم ليگ ن ۽خاص ڪري وزيراعظم شهباز شريف جي ڪلهن تي اچي پيو آهي. ان ڳالهه جو ڪو امڪان نه آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مهانگائي رڪجي ويندي.بلڪه ان ۾ لڳاتار اضافو ٿيڻو آهي جنهن سان عوام ۾ موجوده حڪومت تي ڪاوڙ ئي وڌندي.

ٻئي پاسي عمران خان جي تحريڪ انصاف، عوامي رابطا مهم برق رفتار سان شروع ڪري رکي آهي. هر گهٽي هر محلي ۽پاڙي ۾ پنهنجي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري رهي آهي ۽ عمران خان جي موجوده مهم جا اهڙا حيرت انگيز اثر ٿي رهيا آهن جنهن تي يقين ڪرڻ گهڻو ڏکيو آهي.ڪجهه  علائقن مان  اهڙا اطلاع اچي رهيا آهن جو اهڙي طرح جو جذباتي انداز اڳ تحريڪ انصاف جي لاءِ نه هو،حالتن جي اهڙي تبديلي مسلم ليگ ن کي هر گذرندڙ لمحي سان ان جي پنهنجي حلقن ۾ ان کي ڪمزور ڪري رهي آهي.

انهن حالتن ۾ حڪومت طرفان عمران خان ۽ سندس ساٿين جي آئين جي ڀڃڪڙي جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ انهن جي گرفتاري امڪاني غلطي هوندي،ان جا ٻه نتيجا نڪري سگهن ٿا هڪ ته حڪومت لئه ڊگهي مدي جي احتجاجي تحريڪ کي چٿڻ تي پنهنجو ڌيان مرڪوز ڪرڻ ۽ هر گهڙي تنقيد کي منهن ڏيڻ، جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي،۽ خود تحريڪ انصاف ان جي تياري ڪري ورتي آهي.جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، حڪومت ۾ هئڻ باوجود جيڪڏهن حڪمران جماعت زميني حقيقتن کان غافل رهي ٿي يا اهڙي  موقعي تي هڪ سياسي جماعت کي انتظامي مشينري جي ذريعي چٿڻ جي ڪوشش ڪر ي ٿي ، جيڪا پنهنجي رابطا مهم جي عروج تي آهي، ته ان جي منفي نتيجن سان حڪومت کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

هڪ  اهڙو رستو تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي.جنهن سان ملڪ ۾ اندروني استحڪام هجي ۽عوام به مطمئن ٿي وڃي. خاص ڪري اهڙي موقعي تي جڏهن خطي ۾ جنگ جي ڪيفيت هجي ۽ پاڪستان به ان جو حصو هجي.

هندوستان ۽آمريڪا جا لاڳاپا گهرا ٿي چڪا آهن،۽ هندوستان کي چين جي مد مقابلي آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هندوستان آهستي آهستي پنهنجي ناراض پاڙيسرين کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪر ي رهيو آهي، هڪ عرصي کان ان ڪوشش ۾ آهي ته هندوستان خطي جي هڪ تمام ڏي طاقت جي صورت ۾ سامهون اچي چين ۽آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سان هن کي اهو موقعو هٿ اچي ويو آهي.هو پاڻ کي دفاعي ۽ سفارتي سطح تي مستحڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. جنهن سان اثر پاڪستان تي ٿي سگهن ٿا.نئين حڪومت ان سلسلي ۾ پنهنجي حڪمت عملي تيار نه ڪري به غلطي ڪئي آهي.جيڪڏهن جلد کان جلد عوام کي رليف نه مليو،معيشت ۾ بهتري نه آئي ۽ ڀرپور سفارتي عمل سان پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي بهتر نه بڻايو ويو ته اهو سڀڪجهه گڏجي غلطين جي پي ايچ ڊي ٿيندي.

عوام جي پريشانين ۾ اضافو ٿيندو،ڇڪتاڻ وڌندي،جنهن سان ٽڪراءُ پيدا ٿي سگهي ٿو.سڀ کان بهتر عمل هڪ وڏو سياسي مفاهماڻو عمل هوندو. جنهن جو رستو ڳولڻ وقت جي گهرج آهي. ان جي لاءِ جيڪڏهن وقتي طور تي حڪومت کي پوئتي هٽڻ سان نقصان به ٿيندو پر ان کان وڏو نقصان جبر اور تشدد سان ٿيندو .

هن وقت به ملڪ ۾ ويڙهه واري ڇڪتاڻ جي پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ لڳاتار مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن رياستي مشينري کي مخالفن کي چٿڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو ته موجوده صورتحال ان جي لاءِ مناسب ٿي نٿي سگهي. ان ڪري جو معاملا گهڻو اڳيان نڪري ويا آهن. هڪ صورت اها آهي ته امڪاني مارچ جي لاءِ امن امان جي ضمانت ورتي وڃي ۽ عوام جي لاءِ مهانگائي ۾ رليف ڏيڻ جي لاءِ انتظام ڪيا وڃن. امڪاني ڌرڻو گرميءَ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، تاريخ شاهد آهي ته سمورا ڌرڻا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ٿي وڃن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.