صدارتي نظام لاءِ ريفرينڊم جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيون، سپريم ڪورٽ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ بابت درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو، اهو حڪم نامو چيف جسٽس عمر عطا بنديال لکيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته صدارتي نظام بابت درخواستن ۾ سياسي نوعيت جو سوال اٿاريو ويو، سياسي نوعيت بابت سوال تي آئين ۽ قانون ۾ رهنمائي موجود ناهي، آئيني رهنمائي جي عدم موجودگي ۾ سياسي سوال تي فيصلو ڏيڻ جي پوزيشن ناهي. فيصلي موجب درخواست گذار ۽ ان جي وڪيلن کان ٻه سوال پڇيا ويا، عدالت وٽ ملڪ ۾ سياسي نظام جي تبديلي جو فيصلو ڏيڻ جو ڪو اختيار ناهي. عدالت قرار ڏنو ته درخواستن تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض درست آهن، صدارتي نظام تي ريفرنڊم ڪرائڻ بابت درخواستون ٻڌڻي جوڳيون ناهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.