ڪشمور ۾ شادي ڪاڄ ۾ ويندڙن تي حملو، 4 ڄڻا قتل، پوليس کين ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو!

ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور ويجھو حاجي خان شر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ حضور بخش ڪوش ڀرسان  ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان ھڪ ڌر جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا شادي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ صوبو ڪوش، سھڻو ڪوش جانو ڪوش حاجي عرف موٽو ڪوش گوليون هڻي قتل علائقي ۾ ڏھڪاء پکڙجي ويو مارجي ويلن جا لاش ڪشمور پوليس تعلقه سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪرڻ بعد ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ڪجهه وقت اڳ به الاھو ۽ قبول ڪوش، اسان جو ماڻهو قتل ڪيو شادي تي ويندڙن مٿان فائرنگ ڪري ناحق قتل ڪيو ويو آهي انصاف ڪيو وڃي، وارث، مارجي ويل صوبو، سھڻو ۽ جانو پوليس اهلڪار جي قتل سميت ڪشمور ۽ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي ڪيسن ۾ گهربل هئا، ڪشمور پوليس، خبر موجب ڪشمور ويجھو حاجي خان شر ٿاڻي جي حد ڳوٺ حضور بخش ڪوش ڀرسان ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان ھڪ ڌر جي فائرنگ دوران 4 ڄڻا مارجي ويا واقعي جو ڪيس داخل نٿيو ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ڪشمور ٿاڻي جي پوليس موجب مارجي ويل صوبو، جانو، سھڻو ڪوش مٿان ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي سنگين ڏوھن ڪيس داخل ٿيل سال 2009 دوران صوبي ۽ جانو ڪوش جيڪب آباد واسي پوليس اهلڪار عبدالحمید بروهي کي قتل ڪيو هو ۽ ڪشمور واسي پوليس اهلڪار محمد دين منگي کي زخمي ڪيو ۽ ڪافي سال جيل ۾ سزا به ڪاٽي چڪا مارجي ويل چئن ڄڻن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام متل علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو مارجي ويلن جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الاھو ڪوش ۽ قبول ڪوش ٻين جوابدارن سان گڏجي ناحق اسان جا 4 ڄڻا قتل ڪيا آهن آئي جي سنڌ ڊي آئ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.