رياست مخالفن خلاف ڪومبنگ آپريشن جو فيصلو، دهشتگردن کي ڪر کڻڻ نه ڏينداسين: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 27هين ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي  آهي ته هو هر ڀيري ڏوهن ۾ ملوث 787 ڏوهارين، 540 منشيات فروشن ۽ 244 زمينن تي قبضو ڪندڙن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو وڃي ته جيئن سماج دشمن ۽ رياست مخالف ٽولن خلاف انٽيليجنس بنياد تي ڪومبنگ آپريشن ڪري شهر ۾ دهشتگردي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ وڏي پيماني تي نشاندهي ٿي سگهي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ۾ ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل افتخار چوڌري، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، سي ڊي ٽي، اسپيشل برانچ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، گهرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، صوبائي انٽيليجنس ادارن جا سربراه ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. اجلاس جي شروعات ۾ ايپڪس ڪميٽي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٽن چيني استادن جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ان واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي هڪ مربوط، جامع ۽ انٽيليجنس آپريشن ذريعي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس ۾ صدر ۾ ٿيل ڌماڪي جي پڻ مذمت ڪئي وئي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي ته هو حملي جي جاچ ڪن ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪن.  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سي ٽي ڊي واقعي جي جاچ لاءِ ٺوس ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن. صدر ڌماڪي بابت مختلف ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ اهي ثبوت ايجنسين تائين ضرور پهچندا.اجلاس کي دهشتگرد تنظيمن ۽ ٻين ڏوهاري گروهن پاران استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دهشتگرد تنظيمن جي نالن ۽ سڃاڻپ ۽ انهن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي سڃاڻپ انهن جي فالورز جي تعداد ۽ سندن اڪائونٽن تي ٽرئفڪ ذريعي ڪئي وئي. پريميئر ايجنسين کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته هو سوشل ميڊيا تي رياست مخالف مواد پکيڙڻ، رياست ۽ رياستي ادارن خلاف نوجوانن جي برين واش ڪرڻ ۽ کين بيگناهن کي مارڻ تي مڇرائڻ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪن جهڙوڪه ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان کي سوشل ميڊيا سميت جديد ٽيڪنالوجي، گيجٽس ۽ ٽولز جو استعمال ڪندي مخالف بيانن ۽ سماج دشمن ٽولن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوندو  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ وڏي پيماني تي ڪرمنل رڪارڊ جي مشق دوران 787 هر ڀيري ڏوهن ۾ ملوث، 540 منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ 244 لينڊ گريبرز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي فيصلي موجب ڪارروائي کي تيز ڪرڻ لاءِ ايجنسين پاران تيار ڪيل ڏوهارين جون لسٽون هڪٻئي سان شيئر ڪيون ويون.. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته اڪثر اسٽريٽ ڪرمنلز، منشيات فروش يا زمين تي قبضو ڪندڙن کي دهشتگرد پنهنجي رياست مخالف سرگرمين ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. شرجيل انعام ميمڻ کي موٽر سائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته مختلف مظاهرن ۽ ريلين دوران رياست ۽ رياستي ادارن خلاف نعرا هنيا ويا. وڏي وزير چيو ته اهڙو رويو قبول ناهي. هن وڌيڪ چيو ته هو اهڙن گروهن کي برداشت نه ڪندو. سيد مراد علي شاهه پوليس ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي ته اهڙن ٽولن تي نظر رکي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.  اجلاس ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جو پڻ سخت نوٽيس ورتو ويو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي ته ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ 400000 غير رجسٽرڊ افغان شهري رهن ٿا.  71429 افغانن وٽ رجسٽريشن ڪارڊ هولڊر آهن ۽ ٻين قومن جا غيرقانوني مهاجر  پناهگير پڻ شامل آهن، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته سرحد پار افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڊگهي تاريخ آهي. افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جو ڪو مناسب طريقو ناهي ان ڪري وفاقي حڪومت کي درخواست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته بارڊر مئنيجمينٽ سسٽم کي مضبوط ڪيو وڃي . وڏي وزير انٽيليجنس ادارن کي هدايت ڪئي ته هو شهر جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ غير قانوني مهاجرن جي نگراني لاءِ هڪ الڳ ٽيم جوڙين جن جي اڳ ئي نشاندهي ٿي چڪي آهي.تعليمي ادارن ۾ منشيات جي وڌندڙ رجحان کي روڪڻ لاءِ پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته يونيورسٽي انتظاميا/ تعليمي ادارن ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته شاگردن جي ڪيمپس تي اسڪول/ ڪاليج/ يونيورسٽي انتظاميه کي سخت نگراني ڪرڻ گهرجي ته جيئن معلوم ٿئي ته هو منشيات وٺي رهيا آهن يا نه. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تعليمي ادارن ۾ منشيات فروشن جو انگ 1714 آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.