گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي سربراهي وزيراعظم شهباز شريف ڪندو، ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظ۾ جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 153 تحت سي سي آءِ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪائونسل چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ وزيراعظم پاران نامزد ٽن وفاقي وزيرن تي ٻڌل هوندي، جن ۾ احسن اقبال، نويد قمر ۽ خواجه آصف شامل آهن، آئين موجب سي سي آءِ جي جوڙجڪ وزيراعظم جي حلف کڻڻ بعد 30 ڏينهن اندر لازمي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.