سازش ٿي رهي هئي ته نيوٽرل نيوٽرل نه رهيو: شيرين مزاري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته شيرين مزاري چيو ته جڏهن سازش ٿي رهي هئي ته نيوٽرل نيوٽرل نه رهيو، هن سوال ڪيو ته ڇا جڏهن ملڪ خلاف ٻاهرين سازش ٿي رهي هجي ته ڇا ڪو نيوٽرل رهي سگهي ٿو، سڀني کي خبر آهي ته نيوٽرل نيوٽرل نه رهيو، اسان کي سڀ کان وڌيڪ خراب اڳوڻي قانون واري وزير فروغ نسيم ڪيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ن ليگ جو حصو بڻجي چڪو آهي، جيڪي ماڻهو سنڌ هائوس ويا، ان جا چيف اليڪشن ڪمشنر کي ثبوت ڏنا، ان باوجود هو انهن کي قبول نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته راڻا ثناالله جي پٺيان جيڪي قوتون آهن اهي گڏ نه رهنديون، اسين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو نه آهيون، راڻا ثناالله پاڳل شخص آهي، ان قاتل کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيئن همت ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.