پگهار ڇا جي پيا کڻو، ملڪ برباد ڪرڻ جي يا آئين ٽوڙڻ جي؟ مريم نواز

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ جي نائب صدر مريم نواز سوال اٿاريو آهي ته پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر ٻڌائين ته اهڙي ڪهڙي شي تي پگهار کڻي رهيا آهن، ملڪ کي برباد ڪرڻ تي يا آئين ٽوڙڻ جي؟ پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ مريم نواز چيو ته نوٽ ۽ پئسا ڏسن ٿا ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جي گگ ڪري ٿي پئي، ڪوڙا ۽ ملڪ جو رت پيئڻ وارا ايئن استعيفا ڏئي پئي ويا ڄڻ واپس نه ايندا، پر پئسا ڏسن ٿا ته سندس اصول هوا ۾ اڏامي ٿا وڃن، عمران خان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته سڀ ڪجهه تو ئي ڪيو آهي، ماڻهن کي بيوقوف نه ڪر، 4 سالن جي بدترين ڪارڪردگي جو حساب ڏي، پاڪستان ۽ ان جي معيشيت کي تباهي تي پهچائڻ جو ذميوار تون آهين، تون ئي سوال جو جواب ڏيڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.