اسٽيبلشمينٽ جا نمبر بلاڪ، معاشي تباهي جي تنبيهه باوجود نيوٽرل سازش نه روڪي: عمران خان

اسلام آباد/ مردان (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته اسٽيلبشمينٽ مان پيغام اچي رهيا آهن پرسندن نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن. نيوٽرلز کي تنبيهه ڪئي ته منهنجي خلاف سازش ڪامياب ٿي ته معاشي بحالي اچي ويندي پر انهن سازش نه روڪي.  مون کي اسٽيلبشمينٽ مان پيغام اچي رهيا آهن پر مان ڪنهن سان نه پيو ڳالهايان، مان انهن ماڻهن جا نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته شهباز شريف کانسواءِ به مير جعفر ۽ مير صادق جا ڪردار آهن، وقت اچڻ تي سڀني ڪردارن جا نالا کڻندس. هن چيو ته جن ماڻهن کي آندو ويو، ان کان بهتر هو ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏجي ها، جيڪي ڏوهاري آندا ويا، انهن هر ادارو ۽ جڊيشل سسٽم تباهه ڪري ڇڏيو، ڪهڙو حڪومتي آفيشل انهن ڏوهن جي ڪيسن جي جاچ ڪندو؟  سندس چوڻ هو ته سازش ڪندڙن غلط اندازو لڳايو، کين خبر نه هئي ته مون کي هٽائڻ تي ايترو عوام روڊن تي نڪرندو. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته آخري ڏينهن تائين اسٽيبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا رهيا انهن سان ٻن معاملن تي اتفاق نه رهيو، مقتدر حلقا چاهين پيا ته عثمان بوزدار کي هٽايان، کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ گورننس ۽ ڪرپشن جون حالتون بدتر آهن، عثمان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي لڳايان ها ته پارٽي ۾ ڌڙابندي ٿي وڃي ها. عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ٻيو ايشو جنرل فيض جي معاملي تي هو، مان چاهيو ته جنرل فيض سياري تائين ڊي جي آءِ ايس آءِ رهي، کيس برقرار رکڻ جو هڪ سبب افغانستان جي صورتحال هئي، اپوزيشن جي سازش جي  خبر پئي.هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ مان پيغام اچي رهيا آهن پر مان ڪنهن سان نه پيو ڳالهايان، مان انهن ماڻهن جا نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن، جيستائين چونڊن جو اعلان نٿو ٿئي، تيستائين ڪنهن سان نه ڳالهائيندس. تحريڪ انصاف جي چيئرمين لکيو ته مان ۽ شوڪت ترين ”نيوٽرلز“ کي تنبيهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي ته اسان جي معاشي بحالي ٻڏي ويندي، اهو سڀ هاڻي ٿي چڪو آهي.03

مردان (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن جي تارخ نه ڏني وئي ته اسلام آباد ايندڙ سمنڊ سڀني کي لوڙهي ڇڏيندو، عوام فيصلو ڪندو ته پاڪستان جي قيادت ڪير ڪري. مردان ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته توهان کي حقيقي آزادي جي جدوجهد ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، مان سياست نه پر انقلاب لاءِ گهرائي رهيو آهيان، پنهنجي خوف جون زنجيرون ٽوڙي اسلام آباد پهچو. هن چيو ته شهباز شريف ۽ آصف زرداري آمريڪا جا غلام آهن ۽ نواز شريف کان وڌيڪ ڊڄڻو ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺو، فضل الرحمان کي مولانا نه چوندس، ڇو ته مذهبي عالمن جي گهڻي عزت ڪيان ٿو. سندس موجب اسان جي سفير کي چيو ويو ته عمران خان کي هٽايو ته پاڪستان کي معاف ڪنداسين، ڇا اسان آمريڪين جا غلام آهيون، انهن جا نوڪر آهيون، ملڪ جي قيادت ڪير ڪندو، اهو فيصلو ڪو مفرور نه عوام ڪندو. اڳوڻي وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته ان سازش جي کليل نموني جاچ ڪرائي وڃي.سوشل ميڊيا تي بيان ۾  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان ”نيوٽرلز“ کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي ته معاشي بحالي ٻڏي ويندي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ عمران خان چيو ته اڄ پاڪستاني رپيو تاريخ جي گھٽ ترين سطح 193 تي آهي، جيڪو 8 مارچ ۾ 178 تي هو، وياج جي شرح 1998 کانپوءِ 15 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي آهي. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ 3000 پوائنٽس يا 6.4 سيڪڙو تائين ڪِري چڪي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ 604 ارب رپين جي ڪيپيٽلائزيشن وڃائي چڪي آهي ۽ مهانگائي جنوري 2020 کانپوءِ 13.4 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي آهي، اهي سڀ امپورٽڊ حڪومت تي تاريخ جي گھٽ ترين اعتماد جون علامتون آهن. سندس چوڻ هو ته مارڪيٽ پاليسي ۽ قدمن جي منتظر آهي، جيڪو فراهم ڪرڻ ۾ امپورٽڊ حڪومت مڪمل ناڪام رهي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.