ڊالر 193 روپين تي عمران خان جي ڪري ٿيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (م ڊ) سُڌ سماءُ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب معيشت جي تباهي ۽ ڊالر ۾ تاريخي واڌ جو ذميوار عمران خان کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي مسئلن جي دلدل ۾ عمران خان وڌو. اڄ ڊالر ۾ تاريخي واڌ ٿي رهي آهي ته ان جو ذميوار عمران خان آهي. ڊالر 193 روپين تي عمران خان جي ڪري ٿيو آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي معاهدي تي عمران خان صحيحون ڪيون جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. ملڪ ۾ چار سال نالائقن، نااهلن ۽ عمران مافيا جي حڪومت سبب معاشي دهشتگردي ڪئي وئي. اڄ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري ٿيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته پيٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان ڪيو جيڪو اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي. اڄ جيڪڏهن مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃن ته ان جو ذميوار عمران خان آهي. پنهنجي معاشي ڏوهه کي لڪائڻ لاءِ عمران خان ڪنٽينر تي چڙهيل آهي، مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جي عوام کي مهانگائي عمران خان ڏني. هاڻ سڀني کان وڌيڪ پاڻ مهانگائي جو گوڙ ڪري رهيو آهي. عمران صاحب گوڙ نه ڪريو، مهانگائي جو جواب ڏيو، معاشي تباهي جو حساب ڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.