اسٽيبلشمينٽ جو وزير اعظم کي جلد چونڊن لاءِ پيغام، نواز شريف جو انڪار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) لنڊن ۾ (ن) ليگ جي هنگامي اجلاس بابت نامياري صحافي معظم فخر انڪشاف ڪيو آهي ته اصل ۾ وزير اعظم شهباز شريف کي اسٽيبلشمينٽ جو پيغام مليو هو ته 15 کان 20 ڏينهن اندر اسيمبليون ٽوڙي جلد چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو اهڙو اطلاع ملڻ کانپوءِ نواز شريف پارٽي قيادت کي وزير اعظم شهباز شريف سميت لنڊن طلب ڪيو اهڙي کڙڪ اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ کي به پئجي وئي. جنهن هنگامي طور ميان نواز شريف کي فون ڪري تفصيل سان ڳالهه سمجهائي ته اسان سميت سمورا اتحادي اوهان سان گڏ آهيون معيشت ٺيڪ ڪرڻ ۾ اوهان سان گڏ آهيون ملڪ به هلاينداسين ۽ چونڊون اتحاد ين سان صلاح مشوري ۽ آئيني ۽ چونڊ سڌارن کانپوءِ ڪرائينداسين. ساڳي خاطري مولانا فضل الرحمٰن به نواز شريف کي ڪرائي جنهن کانپوءِ نواز شريف اجلاس ۾ وزير اعظم شهباز شريف کي چيو ته ڊڪٽيشن قبول نه ڪنداسين جنهن اوهان کي پيغام پهچايو آهي ان کي واضح طور وڃي چئو ته ڊڪٽيشن قبول ناهي اسان پنهنجي مرضيءَ سان چونڊ سڌارن بعد صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائينداسين ان کان علاوه اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو ته مارچ يا ڌرڻن کي اتحادين جي صلاح مشوري بعد قانون موجب منهن ڏنو ويندو ۽ آئين جون ڀڃڪڙيون ڪندڙن کي به معاف نه ڪيو ويندو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اتحادين سان صلاح  مشوري کانپوءِ عمران خان کي گرفتار ڪيو ويندو ان لاءِ راڻا ثناءُالله کي چيو ويو ته هو ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ، گهرو ويڙهه ۽ انارڪي ءَ جا اعلان ڪندڙ عمران، شيخ رشيد سميت ٻين خلاف ٺوس ثبوت تحت ڪيس تيار ڪري اتحادين سان مشوري بعد ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن ته نواز شريف جي وطن واپسي ءَ لاءِ عدالتن ذريعي رستو صاف ڪرڻ لاءِ قانوني ٽيم کي سرگرم ڪيو وڃي. فيصلن جو باضابطا اعلان وطن واپسيءَ بعد اتحادين سان صلاح مشورن بعد ڪيو ويندو، يادرهي ته، اسٽيبلشمينٽ جي مٿي بيان ڪيل پيغام بابت نامياري صحافي حامد مير به جيو جي پروگرام ۾ تصديق ڪئي هئي ۽ اهو به چيو هو ته وزير اعظم شهباز شريف کي هاڻي همت ڪرڻ گهرجي ۽ پيغام لکڻي ايندڙ جو نالو به ظاهر ڪرڻ گهرجي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.