آءِ ايم ايف جو پيٽرول مهانگو ڪرڻ کانسواءِ ڳالهين کان انڪار، تيل مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت جي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهين وارو عمل وڌيڪ مشڪل ٿي ويو. آءِ ايم ايف پراڻي مطالبي تي قائم آهي ته پيٽرول مهانگو ڪرڻ کان سواءِ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.ذريعن موجب هن/ مهيني 15 مئي تي پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف موجب پيٽرول جي سبسڊي کي محدود ڪيو وڃي، پيٽرول تي جنرل سبسڊي ختم ڪئي وڃي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف اڳ ئي بجلي مهانگي ڪرڻ جو پلان ڏئي چڪو آهي. بجلي مهانگي ڪرڻ جي پلان تي عمل ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ستين اقتصادي جائزي واريون ڳالهيون 18 مئي کان شروع ٿينديون. پروگرام جي بحالي لاءِ حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا. ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ پاڪستان کي 96 ڪروڙ ڊالر جي ٻئي قسط ملندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.