سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڊي جي مرين اينڊ فشريز کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ فشنگ ايڪسپورٽ ڪمپني ڪي ڊي مرين اينڊ فشريز خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت شروعاتي دليل ٻڌڻ کان پوءِ ڊي جي مرين اينڊ فشريز کان جواب طلب ڪري ورتو. درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان سي فوڊ ايڪسپورٽ جو واپار ڪندا آهيون.جنهن ۾ مختلف طريقن سان رخنا وڌا پيا وڃن.درخواست گذار جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊي جي مرين اينڊ فشريز طرفان هيلٿ سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو پيو وڃي، پاڪستان کي مالي مشڪلات مان ڪڍڻ لاءِ ايڪسپورٽ جي شعبي ۾ آساني پيدا ڪئي وڃي.

وڏو وزير جناح اسپتال پهتو،  ڌماڪي جي زخمين جي بهتر علاج جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جو دورو ڪيو جتي هن گذريل رات صدر واري علائقي ۾ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ مريضن جي عيادت ڪئي. جي پي ايم سي جي سربراهه ڊاڪٽر شاهد رسول کي سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين علاج فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير زخمي جي ڀاءُ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ کيس هر ممڪن مدد جو خاطري ڪرائي. دوري دوران سنڌ جي وڏي وزير کي جي پي ايم سي سربراهه پاران زخمي مريض جو ايڪسري ڏيکاريو ويو جيڪو خطري کان ٻاهر هو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.