48 ڪلاڪن ۾ حتمي فيصلو ڪري عوام کي اعتماد ۾ وٺنداسين: خواجه آصف

اسلام آباد(م ڊ) لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي قيادت وچ ۾ ڪالهه به مشاورت جاري رهي، بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ حتمي فيصلو  ڪري عوام کي اعتماد ۾ وٺنداسين، لنڊن ۾ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته آچر تائين ان حوالي سان ڪا حتمي ڳالهه ڪري سگهبي، هن چيو ته اسان جي وچ ۾ جيڪا به مشاورت ٿي ٿي اها سڀني اتحادين جي آڏو رکنداسين، ڇاڪاڻ ته اسين اڪيلا فيصلا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، اسٽيڪ رڳو اسان جو نه پر سمورن اتحادين جو آهي، هن چيو ته اسان تي ڪنهن جو به دٻاءُ ناهي، دٻاءُ صرف عوام جو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.