وڏي وزير 15 سالن کان ڪراچي ۾ امن امان لاءِ ڇا ڪيو: پي ٽي آءِ

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر بلال غفار چيو آهي ته گذريل رات ڪراچي ۾ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو، واقعي بابت سنڌ جو وڏو وزير چئي رهيو آهي ته هو دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي ڳولي ڳولي ماريندا اسان کي ٻڌايو وڃي ته گذريل 15 سالن کان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي وڏو وزير ڇا ڪري رهيو هو؟ ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران دهشتگردي جا ٻه واقعا سامهون آيا آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه انصاف هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سان جن گينگ وار جو تعلق هو انهن کي عدليه مان رليف ملي رهيو آهي، ڪراچي ۾ دهشتگردي جون سرگرميون ڪرڻ وارا نٿا چاهين ته پاڪستان ترقي ڪري. هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس سيفٽي ڪميشن جوڙي وئي هئي ٻه سال گذري ويا پر ڪميشن جو اجلاس نه گهرايو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي اليڪشن ڪميشن اڃا تائين فريش ووٽر لسٽ جاري ناهي ڪئي اسان ڪنهن به صورت ۾ پراڻين لسٽن تي چونڊون ٿيڻ نه ڏينداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.