عوام ورهايل آهي، قومي سطح تي ڳالهه ٻول ٿيڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر ) سڌ سماء، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ  واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران نيازي جي حڪومت اظهار آزادي تي جبر ڪيو، صحافين ۽ ميڊيا کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪابہ ڪسر نه ڇڏي. جنھن ھنن  جي موقف جي حمايت نه ڪئي، ان تي تشدد ڪيو، جڏهن ته اينڪرز جون نوڪريون هليون ويون. عمران خان جي حڪومت وڌيڪ عرصو هلي ها ته صحافين کي ڪوڙا پڻ لڳن ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪمرانن جو ڪم  تنقيد کي برداشت ڪرڻ آھي. ھن چيو ته جمهوري ماڻهو ئي  تنقيد کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو رکندا آهن. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ماضي ۾ ميڊيا هڪ طرفه تنقيد جو نشانو بڻايو، پر پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به آمراڻي سوچ کي نه  اپنايو. پيپلز پارٽي جي حڪومتن جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته صحافي جيڪي پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي ڪم ڪندا آهن، انھن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪجن . شهيد محترمه بينظير ڀٽو هجي، آصف علي زرداري يا بلاول ڀٽو زرداري ھجن صحافين ۽ صحافتي ادارن جي بهتري جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي ڪوشش رهي آهي ته ميديا ورڪرن جي حالت کي  بهتر ڪجي. هن چيو ته پوري پاڪستان مان آيل فيڊرل يونين آف جرنسلسٽس جي ميمبرن کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ کين خاطري  ڏياريان ٿو  ته سنڌ حڪومت انهن جي سفارشن ۽ مطالبن تي ڀرپور عمل ڪندي. هن صحافتي تنظيمن جي مختلف ڌڙن تي زور ڏنو تہ پاڻ۾ ايڪتا قائم ڪن ، وڙهڻ سان توهان جي طاقت ورهايل آهي. سينيئر صحافي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پيپلز پارٽي جي توهان کي جتي جتي ضرورت پوندي. اسان مڪمل حمايت ۽ سپورٽ ڪنداسين. موجوده سياسي صورتحال تي هن چيو ته عوام ورهائجي چڪو آهي. ملڪ جي ادارن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي.  منهنجي خواهش آهي ته ملڪ ۾ نيشنل ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي. هي ڪوئي سياسي بيان ناهي. اسان هڪ ٿي ڪري ملڪ کي ايندڙ چيلينجز جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. گذريل رات ڪراچي ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.