ڪراچي جي علائقي گارڊن ۾فوٽ پاٿن تان قبضا هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ڪوٽر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪر اچي جي علائقي گارڊن ۾ روڊن جي فوٿ پاٿ تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي کي حدخليون ختم ڪرڻ لاءِ مهم هلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪي ايم سي پنهنجي مهم ٻيهر شروع ڪري حدخليون ختم ڪرڻ بابت 15 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو معاملو  انڪروچمنٽ جو آهي، نندي دڪان ٻاهران فٿ پاٿ تي قبضو هوندو آهي، فوٿ پاٿ تان واٽهڙو گذري نه ٿا سگهن .عدالت چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڏوهه به وڌيڪ ٿي رهيو آهي، شهرين کان موبائل ۽ عورتن کان پرس جي ڦرلٿ ٿيندي آهي، پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،.اڄ ڪلهه شهري پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري رهيا آهن، شهري پنهنجي گهرن ٻاهران حفاظتي ديوار لڳائي رهيا آهن .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.