ڪراچي ڌماڪو، دهشتگرد سائيڪل گند وٽ بيهاري هوٽل ۾ ويهي رهيو

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) صدر ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ گذريل رات ٿيل بم ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي. سائيڪل بيهاري رموٽ ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو، فٽيج ذريعي نشانيون ورتيون ويون بي ڊي ايس رپورٽ موجب ڌماڪيدار مادو سائيڪل جي ڪيريئر ۾ نصب ڪيو ويو هو، بي ڊي ايس اهلڪارن واقعي واري هنڌ تان سائيڪل جا پرزا هٿ ڪيا، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ تان 55 اسٽيل بال بيرنگ پڻ هٿ ڪيا ويا. بال بيرنگ سميت اڍائي ڪلو بارود استعمال ٿيو آهي. سي ٽي ڊي , رينجرز ۽ بي ڊي اختيارين ھڪ ڀيرو ٻيھر واقعي دورو ڪيو ۽ اھم شاھديون گڏ ڪيون آهن . جڏھن ته  تحقيقاتي ادارن  حادثي جي مختلف سي سي ٽي وي فوٽيج به  حاصل ڪري ورتا آهن . ٻئي طرف جناح اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 2 ڄڻا جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي، 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.