بلاول ڀٽو کان اڳ آءِ ايس آءِ جو ڊي جي آمريڪي دورو ڪري واپس

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز  ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي پهرين آمريڪي دوري کان اڳ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم آمريڪا جي ٽن  ڏينهن جو دورو ڪري واپس وطن پهچي ويو آهي، نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڇاڪاڻ ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان حڪومت وڃڻ کانپوءِ آمريڪي سازش جو نعرو کڻي عوام ۾ نڪتل آهي ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي عمران خان جي الزام کي ڪوڙو قرار به ڏنو آهي ، ان باوجود عمران خان پنهنجي بيان تان هٽڻ لاءِ تيار نه آهي ، جنهن ڪري پاڪ – آمريڪا لاڳاپا سرد مهري جو شڪار هئا، ان لاءِ آءِ ايس آءِ سربراهه آمريڪا پهڇي اهم آمريڪي عهديدارن سان 3 ڏينهن لاڳيتو گڏجاڻيون ڪري موجوده حڪومت جي سيڪيورٽي ، معاشي ۽ سفارتي لاڳاپن بابت کين آگاهه ڪيو آهي جيئن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو دوري تي وڃي ته کيس ڪنهن مشڪل کي منهن ڏيڻو نه پئي ۽ دوري جا گهربل مقصد  حاصل ٿي سگهن، ڇوته اهو سمجهيو وڃي ٿو ته ملڪ جي معيشيت ڏيوالپڻي جي ويجهو آهي ان کي آمريڪا سهارو ڏئي ڏيوالپڻي کان پاڪستان کي بچائي سگهي ٿو،ان لاءِ پيپلز پارٽي جا هميشه آمريڪا سان بهتر دوستاڻا لاڳاپارهيا آهن ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به تازو پريس ڪانفرنس ۾ چئي چڪو آهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن سٺو دوست آهي ۽آمريڪا جو آءِ ايم ايف تي تمام وڏو اثر رسوخ آهي ان ڪري پاڪستان کي ڪجهه رعايتون يا شرطن ۾ نرمي ڏياري سگهي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري اهو هدف حاصل ڪري ورتو ته  اها سندس پهرين وڏي ڪاميابي تاريخ ۾ لکي ويندي  جنهن جا تمام گهڻا امڪان آهن، جڏهن ته ان ڏس ۾ آءِ ايس آءِ سربراهه به گهڻي حد تائين رستو صاف ڪري آيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.