درياهه تي ڌاڙو نامنظور:سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ايس ٽي پي سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪراچي، ملير، ٺٽو، سجاول،بدين، ٽنڊومحمد خان، ٽنڊوالھيار، مٽياري، سانگهڙ،  ميرپورخاص،عمرڪوٽ، مٺي، حيدرآباد، نواب شاھ،، نوشھرفيروز، ڄام شورو، دادو،لاڙڪاڻو، قمبر، خيرپور، سکر، گھوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور سميت ٻين ضلعن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.احتجاجي مظاهرن کي خطاب دوران اڳواڻن جو چوڻ هو ته درياهه تي وفاق ۽ جاگيردارن جا ڌاڙا عام سنڌي ماڻھن جي جياپي جا سمورا گس بند ڪري رهيا آھن هڪ پاسي وفاق سنڌو درياهه تي ڊيمن جي نالي تي آبي جارحيت برقرار رکيو اچي ته ٻئي پاسي جتي ٿورو گهڻو پاڻي پهچي رهيو هو، اتي وري جاگيردار جبري طور قابض رهيو نتيجن درياهه تي روزگار ڪندڙ ملاح , مزدور، هاري ۽ پورهيت بيروزگار ٿي بک مري رهيا آھن هنن چيو ته .سنڌ زرعي ملڪ آھي، جنهن جي معشيت جو دارومدار زراعت تي آھي پر پنجاپ ۽ هتان جا حڪمران سنڌ کي بنجر بڻائي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه تي بند ٻڌي رهيا آھن. هنن چيو پنجاب سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا آھن جيڪي هاڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا.فوري طور سنڌ مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.