دادلوءِ پوليس وڏيري جي ونگاري، زال مڙس ناحق قيد، ايس ايڇ او معطل، سمورو عملو بدلي

پنوعاقل (رپورٽ : رستم انڍڙ) پنوعاقل ڀرسان دادلوءِ پوليس پاران وڏيري جي فرياد تي عورت نغمه کونھارو ۽ سندس مڙس کي گرفتار ڪرڻ واري معاملي جو ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ پاران نوٽيس وٺي ايس ايڇ او دادلو امتياز منگي کي معطل ۽ دادلو ٿاڻي جو سڄو عملو بدلي ڪري اي ايس پي سعد ارشد کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ايس ايس پي سکر جي ترجمان اهڙي نوٽيس جي تصديق ڪندي چيو آهي تہ ايس ايس پي سکر مامري جو نوٽيس وٺي دادلوءِ ٿاڻي جي سڄي عملي کي بدلي ڪري ڇڏيو آھي. ايس ايڇ او دادلوءِ امتياز منگي خلاف اي ايس پي سٽي کي انڪوائري ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آھي. واضح رهي تہ پنوعاقل ڀرسان پنج سال اڳ وڏيري پاران مبينا ڪارنھن جي ڪيل فيصلي جا انڪاري ۽ ڪارنھن خلاف احتجاج ڪندڙ عورت سميت سندس گھر جي 12 ماڻھن تي دادلوءِ ٿاڻي تي وڏيري ۽ سندس ڀاڻيجي جي فرياد تي ٻه الڳ الڳ ايف آئي آر داخل ڪيون ويون هيون جنهن کان پوءِ عورت نغمه کونھارو ۽ سندس مڙس کي ٻہ ھفتا اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، عورت کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ويل دادلوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ پوليس اھلڪارن تي نغما جي ڏير رفيق کونھارو سنگين الزام هڻندي چيو تہ نغمه کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آيل دادلوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ پوليس اھلڪارن نغما کي ھڪ ڪلاڪ تائين ڪمري ۾ وٺي ويا ھئا خبر ناھي تہ پوءِ ان سان ڇا ڪيائون. هن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته پنج سال اڳ اسان جي اسان جي ڀائٽي نرما کي وڏيري مشتاق کونھارو پاڻ وٽ کڻائي ھڪ مھيني تائين عزت لٽيندو رھيو بعد ۾ ڪارنھن ڏيئي ڇڏي ھئي ڀاڄائي نغمہ ۽ ڀاءُ طرفان ڪارنھن جو فيصلو نہ مڃيو ويو ۽ فيصلي خلاف احتجاج ڪندا رھيا جنھن جي بدلي جي باھ ۾ پوليس معرفت اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي ڪوئي داد فرياد ٻڌڻ وارو ناھي. هن وڌيڪ چيو تہ ڀاڄائي جي گرفتاري کان پوءِ سندس کير پياڪ ٻار روئي روئي بيحال ٿيل آھي گھر ۾ صرف معصوم ٻارڙا بچيل آھن. ٻئي پاسي ايس ايڇ او دادلو امتياز منگي جو چوڻ آھي تہ عورت ٻن ڪيسن ۾ گھربل ھئي صرف گرفتاري لاءِ وياسين ٻيا الزام بي بنياد آھن. جڏهن تہ الزام ھيٺ آيل وڏيري مشتاق کوهارو جو چوڻ آھي تہ ڪارنھن واري مامري کان وٺي سڀ الزام بي بنياد آھن ۽ پوليس جي انڪوائري ۾ بہ غلط ثابت ٿيا عورت نغمہ ۽ سندس مڙس سميت انھن جو ھڪ ٽولو آھي جيڪي سڀني سان جھيڙا ڪري بليڪ ميل ڪندا آھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.