اپريل ۾ سمنڊ پار پاڪستانين رڪارڊ 3 ارب ڊالرن جي رقم موڪلي

ڪراچي (رپورٽر) اپريل ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙن پاڪستانين 3.1 ارب ڊالرن جي رقم پاڪستان موڪلي، جيڪو هڪ مهيني ۾ موڪليل رقم جو رڪارڊ آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اپريل ۾ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين طرفان رڪارڊ 3.1 ارب ڊالر ناڻو موڪليو ويو، اها رقم گذريل سال موڪليل رقم جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان موڪليل رقم جو مجموعي ڪاٿو 26.1 ارب ڊالر هو، جيڪو گذريل سال انهن ئي مهينن جي ڀيٽ ۾  7.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سڀ کان وڌيڪ رقم سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، برطانيا ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين موڪلي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.