گوجرانوالا ۾ حادثو، 11 ڀاتين سميت 12 ڄڻا فوت، 10 زخمي

گوجرانوالا(م ڊ) گوجرانوالا ۾ ڪوٽ لڌا ويجهو روڊ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 11 ماڻهن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب ڪوٽ لڌا ويجهو هڪ ڊرائيور گاڏي روڊ تي بيهاري سمهي رهيو. ايتري دير ۾ پٺيان کان ايندڙ 2 مسافر وينون ان گاڏي سان ٽڪرائجي ويون. اختيارين موجب حادثي وقت مسافر وين ۾ 28 ڄڻا سوار هئا جن مان 12 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. گاڏين ۾ ڦاٿل زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گاڏي ون وي تي غلط رستي کان اچي رهي هئي ته سامهون کان ايندڙ تيز رفتار 2 وينون گاڏي سان ٽڪرائجي ويون. پوليس اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويل گوجرانوالا جي علائقي عالم چوڪ جا رهواسي هئا ۽ سرگودها ۾ عرس ۾ شرڪت کان پوءِ واپس گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا، پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ 6 عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهي. جڏهن ته هڪ وين جو ڊرائيور به فوت ٿي ويلن ۾ شامل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.