اسد قيصر سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. سموري قوم جون نظرون عدالت طرف آهن. پرڏيهي سازش وارو خط پڙهڻ کان پوءِ مون اسپيڪر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. مون کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جلد کان جلد چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي ۽ خط تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو ويندو. اسد قيصر سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي عدالت سڳوري تي مڪمل ڀروسو آهي. عدالت سڳوري جو هر فيصلو تاريخ جو حصو هوندو. ڇا آرٽيڪل 5 آرٽيڪل 95 تي ڳرو آهي. خيبر کان سنڌ تائين سڀ متفق آهن ته اها پرڏيهي سازش هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.