پورهيتن جي ايوان ۾ نمائندگي هجڻ ضروري آهي-تنظيمن جااڳوائڻ

ڪراچي (رپورٽر)ايف اي ايس پاران سندس ڪتاب ”ميپنگ آف ليبر يونينز ان پاڪستان“ جي نالي سان ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ چئني صوبي جي مزدور تنظيمن جي اڳواڻن، سماجي ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا شرڪت ڪئي جنهن جي صدارت بزرگ مزدور اڳواڻ عبداللطيف نظاماڻي ڪئي، تقريب جي شروعات ۾ ڪتاب جي ليکڪا زينيا شوڪت پاڪستان ۾ مزدور يونينن بابت مختصر جائزو پيش ڪيو، جڏهن ته ٻين همعصر ليکڪن ایف ای ایس جی عبدالله، محمد رفيق ۽ شجاع قريشي پڻ ڪتاب جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهندي مزدورن جي موجوده ۽ ماضي جي صورتحال ۽ ان جي مطابقت تي روشني وڌي. پاڪستان جي سينيئر مزدور اڳواڻ ۽ نيشنل ليبر ڪائونسل جي سيڪريٽري ڪرامت علي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مزدور تنظيمن جي اتحاد ۽ يڪجهتي سان هڪ پليٽ فارم تحت پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد نه رڳو وقت جي اهم ضرورت ۽ ان جي اهميت به آهي. ڪرامت علي ڪتاب ۾ حڪومت جي ڪردار تي به افسوس جو اظهار ڪيو، خاص طور تي اين آءِ آر سي، ۽ ٽريڊ يونين سان معاملو طئي ڪرڻ ۾ ڪميشن جي جانبدار پاليسين تي تنقيد ڪئي. سينيئر مزدور اڳواڻ عبداللطيف نظاماڻي پڻ چيو ته مزدور تنظيمن جو تجزيو، انهن جي طريقيڪار ۽ جمهوري اصولن کي سمجهڻ مزدورن جي جدوجهد جو لازمي حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايف اي ايس جي اها ڪوشش مزدور تنظيمن لاءِ هڪ روشني ثابت ٿيندي ته جيئن انهن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائي سگهجي هن تنظيم کي عالمي معيار سان جديد بڻائڻ تي به زور ڏنو. نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي ناصر منصور تجويز ڏني ته ڪتاب جو بغور جائزو وٺڻ کان پوءِ تجويزون تحريري صورت ۾ مرتب ڪري محققن جي حوالي ڪيون وڃن ته جيئن ايندڙ ايڊيشن ۾ مختلف موضوعن تي بحث ڪري سگهجي، هوم بيس وومين ورڪرز جي زهرا خان چيو ته هي ڪتاب مزدور تنظيمن جي آپريشنل طريقن ۽ چئلينجن کي سادگي ۽ اختصار سان ڍڪيندو. هنن کي اهم موضوعن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جهڙوڪ ليبر ڪورٽن جو ڪردار ۽ مزدورن جي عدليه بابت ماهرن جي راءِ شامل ڪرڻ سان تحقيق مددگار ۽ پاليسي سازي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. ان موقعي تي بلوچستان مان آيل مزدورن اڳواڻن چيو ته بلوچستان جي پورهيتن سان وڌيڪ ظلم ٿي رهيو آهي اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس ٺاهيا وڃن پيا، هنن جو چوڻ هو ته ايوان ۾ مزدورن جي نمائندگي صعنت ڪار، هارين جي نمائندگي جاگيردار ۽ عوام جي نمائندگي دولت مند نٿا ڪري سگهن. تقريب ۾ عورت اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته فيصلي سازي ۾ عورتن کي شامل نه ڪيو ويندو آهي، جيڪي هارين يا مزدورن جو تنظيمون آهن انهن ۾ ڪنهن به عهدي تي عورتون ناهن هنن چيو ته پورهيتن جي ايوان ۾ نمائندگي هجڻ ضروري آهي ان بغير ڪجهه نٿو ٿي سگهي. ان موقعي تي ملڪ جي مختلف صوبن مان مزدور تنظيمن جي اڳواڻن اسلم وفا، چوڌري اڪبر، حنيف رامي ۽ پنجاب جي روبينا جميل، خیبرپختونخواہ مان ابرار الله خان، بلوچستان مان سلطان لالا، عبدالستار ۽ حاجي خان زمان، حبيب الدين جنيدي سميت اڳواڻن شرڪت ڪئي. سنڌ جي قيادت ڪندي لياقت صاحب صوبائي معاملن ۽ پنهنجن شهرن ۾ مزدورن کي درپيش مسئلن تي خيالن جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.