ڪشمور لڳ ٽريڪٽر جي وائرنگ مان باھه، 2 گھر سڙي رک

ڪشمور(ت ر)ڪشمور ويجھو ڪاٺڳڙهه ڳوٺ جلال الدين کوسو  ۾ ٽريڪٽر جي وائرنگ مان باهه لڳڻ سبب ڳوٺاڻن جا 2 گھر سڙي رک ٿي ويا ڳوٺاڻي شاهنواز لاشاري ۽ حاجي لاشاري جي گھر کي باهه لڳڻ بعد گهرن ۾ پيل سمورو سامان ڪڻڪ پکا کٽون ۽ استعمال ٿيندڙ سامان سڙي رک ٿي ويو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي ٽريڪٽر جي وائرنگ جي تارن مان لڳل باهه ٽريڪٽر سميت ڀرپاسي گھرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو جنهن ڪري رهواسين جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي متاثر ڳوٺاڻن سرندي وارن کان مالي سهائتا جي اپيل ڪندي چيو ته باھه لڳڻ سبب ٿيل نقصان ۾ گھرن جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آهي مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن ٻيھر گھر ٺاهي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.