جھول ويجھو چئن پورھيتن جي گھر کي باھه، سامان سڙي رک

جھول (ن ع آ) جهول ڀرسان ڳوٺ حاجي غلام قادر مري  ۾ پورهيت مزدورن جي پوپٽ، راجا، آنڀو ۽ چيتن سميت باگڙين جي چار گهرن کي چلھ جي چڻنگ مان باھ گهر سڙي رک ٿي ويا ان موقعي تي متاثرين پوپٽ؛ راجا؛ آنڀو؛ چيتن باگڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سڄي زندگي جو پورھيو ڪري گهر جو سامان هنڌ بسترا ٿاون کٽون 50 مڻ ڪڻڪ ڪپڙا روڪ ٽيھ هزار ڪمايا جيڪي اڄ سڙي رک ٿي ويا انهن چيو اسان غريب مزدور آهيو اسان بروقت فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو جي فائربرگيڊ پهچي ها ته اسان جو ڪجهه نه ڪجهه بچي پوي ها پر اطلاع هئڻ جي باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو اسان سر بچائي ٻچڙن سميت گهرن مان نڪتاسين جيڪو ڪجهه هو سڙي ويو اسان کلي آسمان هيٺ ٻچڙن سميت ويٺل آهيون ڪير به اسان جي واهر ڪرڻ لاءِ ناهي پهتو هنن آخر ۾ سرندي وارن کي مدد جي اپيل ڪندي چيو ته خدا را اسان جي مدد ڪري ڪجهه کائڻ ۽ اوڍڻ ڪپڙا ڏئي انساني ناتي پنهنجو حق ادا ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.