فريدآباد ( ن ع آ) فريدآباد ۾ معمولي ڳالهه تان ڳوٺ قادر بخش رند واسي رڪشا ڊرائيور علي محمد رند ۽ ڳوٺ الھڏنو تيوڻو جي رھواسي جاني تيوڻو وچ ۾ بس اسٽاپ تي جھيڙو ٿي پيو، لتون ۽ مڪون لڳڻ جي نتيجي ۾ رڪشا ڊرائيور علي محمد رند زخمي ٿي پيو، جهيڙي دوران سندس ڪپڙا ڦاٽي پيا جڏهن ته شھرين وچ ۾ پئجي جهيڙو ٽاري ڇڏيو.ٻنهي چڻن هڪ ٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي.