ڏهرڪي مان اغوا ٿيل نوجوان آزاد نه ٿيو، وارثن جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو

ڏھرڪي (  ت ر ) ڏھرڪي مان اغوا ٿيل نوجوان قاسم ڀٽو بازياب نه ٿي سگھيو، پوليس مغوي کي بازياب ڪرائڻ بجاءِ سندس وارثن کي راڄوڻي ڪوششون ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو. ڏھرڪي پوليس جي اھڙي رويي خلاف ڏھرڪي ۽ آس پاس جي ڀٽو برادري جي ماڻھن مغوي جي پيءِ غلام ياسين، شھزادو، منور ۽ ولي محمد جي اڳواڻي ۾ ڏھرڪي ٿاڻي جي گيٽ اڳيان سخت احتجاج ڪندي ڌرڻو ھنيو آھي. ان موقعي تي مظاھرين ڏھرڪي پوليس خلاف نعري بازي ڪئي. مظاھرين جي مڇريل ھجوم کي ڏسي ايس ايڇ او ڏھرڪي ٿاڻي جو گيٽ بند ڪرائي ڇڏيو. ھڪ ڪلاڪ جي ڌرڻي بعد ايس ايڇ او ڏھرڪي اطھر چنا مظاھرين جي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري کانئن مغوي محمد قاسم جي بازيابي لاءِ ٽن ڏينھن جي مھلت گھري ورتي.  جنھن بعد مظاھرين پنھنجو احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو آھي. ان ڏس ۾ غلام ياسين ۽ شھزادو  ڀٽو ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان قاسم ڀٽو کي اغوا اسپتال ويندي اغوا ڪيو ويو. اسان ڏھرڪي پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو پر پوليس اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي. ھنن چيو ته اغوا ڪارن پوليس عملدار جي موجودگي ۾ اسان کي فون ڪري اسان کان مغوي جي بازيابي لاءِ 50 لک رپياڀنگ طلب ڪيو. ھنن وڌيڪ چيو ته مغوي جي گھر ۾ فاقا ڪشي واري حالت آھي. وٽن کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهھ ڪونھي. ھو ڌاڙيلن پاران طلب ڪيل ڳري رقم ادا ڪرڻ جو تصور نه ٿا ڪري سگھن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڏھرڪي پوليس ڌاڙيل خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ اسان تي زور وڌائي ڇڏيو آھي ته اسان مغوي جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون ڪريون، جيڪڏھن اسان مغوي کي راڄوڻي نموني بازياب ڪرايون ته پوءِ پوليس جو ڪھڙو ڪم رھجي وڃي ٿو. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو جيڪڏھن سومر تائين مغوي قاسم ڀٽو بازياب نه ڪرايو ويو ته ڏھرڪي تعلقي جي سموري ڀٽو برادري ڏھرڪي ٿاڻي اڳيان قاسم ڀٽو جي بازيابي تائين ڌرڻو ھڻي ويھي رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.