سنڌ کي پاڻي فراهمي وڌيڪ گهٽائي وئي آهي: محمد علي ميرجت

گلشن اقبال (ن ع آ ) سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 70 سيڪڙو ٿي وئي، ارسا پاران پنجاب کي سي جي بعد ٽي پي لنڪ کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي  جنهن سبب سنڌ جي پاڻي جي فراهمي اڃان وڌيڪ گهٽ ٿي وئي آهي،  اهڙن خيالن جو اظهار يوٿ شهيد ڀٽو جي چيف آرگنائزير محمد علي مير جت    سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، محمد علي مير جت  گذيل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي  وزير  خورشيد شاهه جي بيان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته    زرداري ليگ سان واسطو رکندڙ وفاقي وزير  خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي  چيو ته ته تونسا کان گڊو  بيراج جي وچ ۾ پنجاب صوبي جي ڪچي ۾ 1300 کان 1400 ٽيوب ويل لڳل آهن جيڪي سنڌ لاءِ ڇڏيو ويندڙ پاڻي کڻن ٿا،   وفاقي وزير خورشيد شاهه جي اهڙي هڪ ٻئي بيان  تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پ پ شهيد ڀٽو جي چيف آرگنائزير محمد علي مير جت چيو ته وفاقي وزير خورشيد شاهه  صحافين سان  ڳالهائيندي چيو ته ڊيمن جي تعمير سان نه رڳو بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر بهتر آبپاشي ذريعي اسان زرعي پيداوار ۾ به اضافو ڪري سگهندا، يوٿ شهيد ڀٽو جي چيف آرگنائزير محمد علي مير جت چيو ته خورشيد شاهه سنڌ دمشني وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن قومي اسيمبلي ۾ پاڻي جي چوري تي  ڳالهائڻ به پسند نه ڪيو، وفاقي وزير  پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي ۽ پنجاب جي چولستان ۾ به ساڳي صورتحال آهي، اسان وفاقي وزير خورشيد شاهه کي ياد ڏياريندا ٿا هليو ته چولستان پنجاب ۾ ۽ ڇا پنجاب چولستان سنڌ کانپوءِ ٿو اچي جتي پاڻي جي کوٽ تي وفاقي وزير کي ڳڻتي آهي پر سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ٿيڻ باوجود به وفاقي وزير پنهنجا چپ سبي ڇڏي ٿو. ڪائير ۽ بدڪردار وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ پنجاب حڪومت کي اپيل ڪئي ته چشما جهلنم لنڪ ڪئنال مان 300 ڪيوسڪ پاڻي پنجاب جي چولستان کي ڏنو وڃي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري باوجود وفاقي وزير جي پنجاب لاءِ همدردي سنڌ سان دشمني کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. وفاقي وزير پنجاب خطاب ۾ چيو ته 30 جون تائين پاڻي وارو معاملو حل ٿي ويندو ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملي ويندو، اسان وفاقي وزير کي اهو ياد ڏياريون ٿا ته  پاڻي نه پهچڻ تائين سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندي،جيڪڏهن سنڌ کي 50 ڏينهن کانپوءِ پاڻي ملندو ته ڇا سنڌ ۾ وونئڻ، ڪمند ۽ ساريون بچي سگهنديون.   هڪ ٻئي اجلاس کي خطاب ڪندي يوٿ شهيد ڀٽو جي چيف آرگنائزير محمد علي مير جت،   يوٿ شهيد ڀٽو جي آرگنائزير صلاح الدين چاچر، ڊاڪٽر عبدالرئوف مغيري، شفقت پٺاڻ، امداد ڊومڪي، وسيم عالماڻي، عبيد الله ناريجو ۽ ٻين خطاب ڪندي وفاقي وزير خورشيد شاهه جي بيان تي مذمت جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري  ورتي آهي اهو سڀ پنجاب حڪومت جي مهرباني سان ٿي رهيو آهي ۽  وفاقي ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ وزير به پنجاب  جي حمايت پيا ڪن جيڪو برداشت جوڳو عمل ناهي، 1961ع کان پوءِ هي سال 61 سالن جو سڀ کان وڌيڪ خشڪ ترين سال آهي، دريائن ۾ پاڻي آمد بابت جيڪي تخمينا لڳايا ويا ان کان تمام گهٽ پاڻي آهي، هاڻي گرمي پد ۾ اضافي سبب پاڻي وهڪرن ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي، ڊيمن ۾ پاڻي جو ذخيرو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن وقت لڳ ڀڳ اڌ جيترو آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو 26 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي جنهن سبب  هلندڙ سان سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي  ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.