ٽنڊوباگو (ت ر) ٽنڊو باگو ٿاڻي ڀرسان مين پرائمري اسڪول وٽ صحت کاتي جي ملازم ممتاز ميمڻ جي گھر ٻاھران بيٺل سرڪاري موٽر سائيڪل چور ڪاھي ويا. ٻئي طرف ڏيئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نبي بخش خاصخيلي مان چور صابر خاصخيلي جي دڪان مٿان ٻه سئو وولٽ واريون ٻه سولر پليٽون چوري ڪري ويا جڏھن ته بدين روڊ تان عبدالله بڪاري کان نامعلوم ڦورو موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا.