رتو ديرو ۾ نينگر پر اسرار نموني گم ، وارثن جو احتجاج

رتوديرو  ( ن ع آ )  رتيديري ( ن ع آ )  رتوديرو لڳ  ڳوٺ ميهر گھانگھرو جو رهواسي نينگر محمد الياس پٽ گل محمد گھانگھرو جيڪو 15 ورهين کان پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولها ۾ مدد لاءِ سندس جي وارثن ، گھانگھرا برادري جي ماڻهن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ پڻ کنيل هئا جن تي نينگر جي ڳولها ۾ مدد لاءِ نعرا لکيل هئا مظاهرين شهر جي مک روڊن رستن جو گشت ڪندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر امدا گھانگھرو ، امجد علي ، وزير علي ، الطاف حسين ، ذاڪر حسين ، صغير احمد ، امان الله ، غلام اڪبر ، محمد پناه ، غلام اڪبر ، اسد الله ، وسيم احمد ، الله ڏنو ، ضمير احمد ۽ ٻين چيو ته 2007 ع ۾ 9 محرم جي ڏينهن محمد الياس گھانگھرو 20 ورهين جي عمر ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو 15 ورهيه گذرڻ بعد به هن جو اڃا تائين ڪو پتو پئجي نه سگھيو آهي ته هو ڪٿي آهي اسان سندس جي وڏي ڳولها ڪئي آهي پر هن جو ڪٿان به ڪو پتو پئجي نه سگھيو آهي هنن چيو ته نينگر گھر اهو چئي ٻاهر نڪري ويو ته مان جلد واپس موٽي ٿو اچان پر هن جي وڃڻ بعد هو هن وقت تائين واپس نه موٽيو آهي سندس کي هڪ نياڻي جو اولاد به آهي جيڪا به پنهنجي پيءُ لاءَ سخت پريشان آهي جڏهن ته سندس جي گھر جا ٻيا ڀاتي به هن جي اهڙي پراسرار  نموني گمشدگي تي ڏک ۾ ورتل آهن هنن چيو ته اسان نينگر جي اهڙي پراسرار گمشدگي جي رتوديرو ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين پوليس به نينگر جو ڪو پتو لڳائي نه سگھي آهي ته هن کي آسمان ڳهي ويو يا زمين کائي وئي جو 15 ورهين جو ايڏو وڏو عرصو گذرڻ بعد به هن جي ڪا خبر نه ٿي پوي ته هو ڪٿي آهي هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته نينگر جي ڳولها ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.