سنڌ ۾پاڻي کوٽ خلاف راڻيپور ۾احتجاج، سياسي سماجي اڳواڻن جو ڌرڻو

راڻي پور(رپورٽ عامر مهيسر) سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف کيربازار جسقم، مهراڻ ادبي ثقافتي فورم سنڌ ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جيڪا شهر جي مختلف رستن ڪپڙا مارڪيٽ،  شاھي بازار، ريشم گل، موبائل مارڪيٽ، ٿاڻي واري گلي، پراڻي بس اسٽينڊ کان ٿيندي قومي شاھراھ باب دستگير گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. مظاھرين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، پاڻي خاطر پنجاب تو سان جهيڙو آ جي اڀ ڏاريندڙ نعري بازي ڪري رھيا ھئا  ان موقعي تي مظاھرين جسقم اڳواڻ مجيب الرحمان ڀيلار، نماڻو سرڪي، استاد شوڪت گهانگهرو، امداد لاڙڪ، علي سرڪي، جبران سرڪي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھ سنڌين جي جياپي ۽ وجود جو ضامن آھي جنهن کي پنجاب سامراج ھٿ وٺي سڪائي رھيو آھي، سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائي سنڌ جي ھارين نارين جو معاشي قتلِ عام ڪيو آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور تي چشمہ جهلم ڪئنال بند ڪري سنڌ کي پاڻي ڏئي ٻي اکيائي وارو رويو بند ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پنجاب ڏانهن ويندڙ رستو قومي شاھراھ بند ڪري ويهي رھنداسين.جڏھن ته احتجاجي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شهري، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو انگ شامل ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.