کوسڪي ڀرسان روڊ حادثو، ڪڍڻ واسي هڪ ڪٽنب جا 3 ڀاتي فوت

نندو/ڪڍڻ (نمائندن وٽان)کوسڪي ڀرسان ٿرڪول روڊ تي پير موڙ وٽ تيز رفتار ڊمپر سوزوڪي تي چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ڪڍڻ   لڳ جاني آباد  جا رھواسي خاصخيلي برادري سان تعلق رکندڙ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا ڊرائيور نور محمد خاصخيلي، الله ڏنو خاصيلي ۽ بيگي خاصخيلي موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏهن ته  پنج ڄڻا ڪزبانو، ابوبڪر، دولان، نورجهان ۽ منظور خاصيلي سخت زخمي ٿي پيا. زخمين مان ڇئن ڃڻن جي حالت نازڪ هئڻ سبب کين انڊس اسپتال بدين کان سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو حادثي ۾ متاثر فوتي ۽ زخمي هڪ ئي خاندان جا ٻڌايا وڃن پيا جيڪي ڪڊڻ کان مٺي شھر علاج لاءِ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.