ڊاڪٽر نظير شيخ سنڌ لاءِ سوچيندو ھو: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سياسي اڳواڻن، ليکڪن، صحافين ۽ ساڃاھھ وندن، نامياري سياسي اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر نظير شيخ کي لفظن جي  ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تھ ڊاڪٽر نظير شيخ املھھ ماڻڪ شخص ھو، ھو سنڌ جي نظرياتي ۽ انقلابي سياسي دور جو ھڪ ڪردار ھو، جنھن نظرياتي اختلافن باوجود دوستي وارا رستا کولي رکيا ۽ دوستي جا قدر نھ وڃايا، ھو سنڌ جي لاءِ سوچيندو ھو. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن سنڌ صوفي فورم پاران ھڪ سال اڳ وڇڙي ويل ڊاڪٽر نظير شيخ جي پھرين ورسي جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين سميت ڊاڪٽر نظير شيخ جي گھرڀاتين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي ھيرو  ماما يوسف لغاري خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نظير شيخ پنهنجو پاڻ کي معاشي طور تي پوئتي ڌڪي سنڌ جي ماڻهن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو، ڊاڪٽر نظير شيخ جھڙو طاقتور ڪردار سنڌ لاءِ ھڪ وڏو اتساھھ ھو. ھن چيو تھ نظير شيخ سان گڏ گهڻو سفر به ڪيو، هو دوستن جو دوست رهيو، هن شڪايتن ھوندي بھ ڪڏهن دوستن جي شڪايت نه ڪئي، اڄ ڊاڪٽر نظير شيخ کي ياد ڪرڻ مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته جنهن به قوم جي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي ان جو قدر ضرور ٿيندو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته اسان سڀني کي سنڌ جي خوشحالي لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻو پوندو، ڊاڪٽر نظير شيخ سنڌ سان رشتو جوڙيو تڏهن ان کي اڄ ياد ڪري رهيا آهيون، ڪردار سدائين زندھ رھندا آھن، ھو سنڌ جي لاءِ سوچيندو ھو. ابرار قاضي چيو ته ڊاڪٽر نظير شيخ دوست به هو ته سياسي ساٿي به هو، هن سان گڏ سياست ۾ گذاريل ڏينهن يادگار آهن. ھن چيو تھ پونم واري دور ۾ اسان گڏ ڪيترائي دورا ڪيا، عوامي تحريڪ ۾ گڏ شامل ٿياسين، ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌ جي پاڻي جي مسئلي تي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان گڏجي جدوجهد ڪئي هئي، ڊاڪٽر نظير شيخ سياسي معاملن جي حوالي سان انتهائي پرجوش ۽ متحرڪ رهيو. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته انسان جي مرڻ کانپوءِ جيڪا شي ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي اهو انسان جو ڪردار ھوندو آهي، ڊاڪٽر نظير شيخ جو به اهڙو ئي ڪردار هو جيڪو هميشه ياد رهندو. هن چيو ته نظير شيخ نظرياتي ۽ شخصي بغض نه رکندو هو، هن ۾ پارٽي شائونزم نه هئي. هن چيو ته ڊاڪٽر نظير شيخ جهڙي هجت هر قومي ڪارڪن کي ڪرڻ گهرجي، اسان کي هڪٻئي جي عزت ۽ احترام ڪرڻ گهرجي، اسان کي انتهاپسندي واري سوچ کان پري رھي ڪري سنڌ جي لاءِ سوچڻ گهرجي، سڀني کي گڏجي سنڌ کي سورن مان ڪڍڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڊاڪٽر نظير شيخ گهڻين خاصيتن جو مالڪ هو. ھن چيو تھ سنڌ اڄ انتھائي ڏکئي دور مان گذري رھي آھي، سنڌ درياھھ گڊو کان وٺي سڪل آھي، اڄ بھ پنجاب جا 42 ڪئنال وهي رهيا آهن، پر سنڌ ۾ پاڻي ناھي، ڪالھھ تائين پاڻي جي کوٽ خلاف مارچ ڪندڙ سنڌ جي حڪمران جماعت اڄ چئي رھي آھي تھ پنجاب سنڌ جو پاڻي نھ روڪيو آھي، پر پاڻي آھي ئي ڪون، ان ڪري پيسن سان پاڻي خريد ڪيو. نامياري اديب تاج جويو چيو تھ ڊاڪٽر نظير شيخ سنڌ جي لاءِ جدوجھد جي ميدان ۾ رھندڙ سپاھي ھو، ھو رواداري جو حامي ھو، ھو نظرياتي اختلافن باوجود سڀني کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلندو ھو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ قمر الزمان راڄپر چيو تھ ڊاڪٽر نظير شيخ جھڙا ڪردار تمام گھٽ سامھون ايندا آھن، ھن جو وڇوڙو وڏو نقصان ھو. ايس يو پي جي اڳواڻ جڳديش آهوجا چيو ته ڊاڪٽر نظير شيخ آدرشوادي سياست جي دور جو هڪ ڪردار آهي، ڊاڪٽر نظير شيخ نظرياتي ۽ انقلابي سياست واري دور جو يادگار هو، نظير شيخ نظرياتي اختلافن جي ڪري دوستي جا قدر ڪڏهن به نه وڃايا، هو مختلف نظرياتي ڌارائون وارن دوستن کي گڏ ويهاريندو هو. ڊاڪٽر حميد سومرو چيو ته ڊاڪٽر نظير شيخ منهنجو ڪلاس فيلو هو، اسان الڳ الڳ پارٽين ۾ ھئاسين، پر گڏجي سياست بھ ڪئي، ڊاڪٽر نظير شيخ ٻين جي لاءِ جيئڻ وارو ڪردار هو. اشتياق انصاري چيو ته ڊاڪٽر نظير شيخ رت جي رشتن ۽ دوستن جو قدر ڪرڻ وارو ماڻهو هو، داڪٽر نظير شيخ هڪ وڏو ڪردار هو کيس سدائين ياد ڪيو ويندو. ڊاڪٽر بيکارام چيو ته ڊاڪٽر نظير شيخ هر حال ۾ خوش رهندڙ انسان هو، هن ۾ دوستي نڀائڻ جو فن هو. سينيئر صحافي مھيش ڪمار چيو تھ ڊاڪٽر نظير شيخ يارويس ۽ دوستن کي دلين ۾ جايون ڏيندڙ ھو، ھو محفلن جو مور ھو، ھو ماڻھن کي ھڪٻئي جي ويجھو آڻڻ جي صلاحيت رکندو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.