جان خاصخيلي سنڌ جا سنجيده مسئلا پيش ڪيا: مقرر

ڪراچي (  رپورٽر) سينيئر صحافين، صحافي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ليکڪن سينيئر صحافي جان خاصخيلي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي  ته صحافين کي گهرجي ته اهي محنت ڪن ۽ اشوز کي سمجهن ته جيئن اُهي سنڌ جو ڪيس مضبوط نموني وڙهي سگهن، انويسٽيگيشن جرنلزم کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه سينيئر صحافي، ۽ شاعر جان خاصخيلي جي حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب طرفان ” تعزيتي ريفرنس“ ڪرايو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ صحافين، ليکڪن شرڪت ڪئي. تعزيتي ريفرنس کي صدر پريس ڪلب فاضل جميلي، نائب صدر رشيد ميمڻ، سينيئر صحافي ۽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر امتياز خان فاران، رياض سُهيل، سعيد سربازي، يونس مهر، عبدالرزاق سروهي،  شاهد شاهه، ڪي يو جي جي نائب صدر اعجاز شيخ، پريس ڪلب جي اڳوڻي سيڪريٽري اي ايڇ خانزاده، ارباب چانڊيو، ذوالفقار راڄپر، نامياري شاعره عطيه دائود، نامياري اديب محمد علي پٺاڻ ، شجاع قريشي ۽ ٻين خطاب ڪيو. انهن چيو ته جان خاصخيلي هڪ سٺو صحافي هيو هُن ماحوليات، ٿرپارڪر، صحت جي مسئلن تي تمام گهڻو لکيو ۽ انگريزي ميڊيا ۾ به سنڌ جا سنجيده مسئلا سٺي نموني پيش ڪيا. اڄ ڪلهه انويسٽيگيشن ڪندڙ صحافين جي سخت کوٽ آهي ڪجهه صحافي آهن جيڪي وڏن اشوز تي سنجيدگي سان لکن ٿا ۽ رپورٽنگ ڪن ٿا. صحافي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته جيڪي صحافي گذاري وڃن ٿا انهن جي وارثن لاءِ مدد ٿيڻ گهرجي ۽ اُها مدد سرڪاري سطح تي ٿيڻ گهرجي ڇو ته اڪثر صحافي مالي طور تي غريب هجن ٿا. صحافين کي گهرجي ته اهي محنت ڪن ۽ اشوز کي سمجهن ته جيئن اُهي سنڌ جو ڪيس مضبوط نموني وڙهي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.