ڪشمور ۾ ڀتو گھرڻ، گھر مٿان فائرنگ ڪرڻ خلاف رھواسين جو احتجاج

ڪشمور (ڊ ر)ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪشمور جي سرافا بازار جي سوناري نانڪ رام گذريل ڏينهن نامعلوم ڏوهارين  پاران 20 لک رپيا ڀتو گھر ڪيو ويو نه ڏيڻ جي صورت ۾ موتمار ھندو واپاري کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ سندس گھر مٿان فائرنگ ڪئي وئي ڪشمور پوليس ڏوهارين خلاف ڪا عملي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي ھندو سوناري نانڪ رام، ننڊ لعل، دنيش، دليپ ،جگديش، پرڪاش، سني تحريڪ جي حافظ محمد حنيف مزاري، راڪيش مڪريجا ۽ ٻين جو پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته مختلف ڏوهاري سرگرم ٿي ويا آهن ڪشمور جي لوڪل دڪاندارن کان ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ڪشمور ون فائيو پوليس سميت پوليس اهلڪار ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران دڙڪا ۽ داٻا ڏين ٿا متاثر واپارين ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪيو ته شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.