جاتي لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي عورت فوت، لاش اسپتال آڏو رکي احتجاج

جاتي(نمائينده)هڪ ڏينهن اڳ موٽر سائيڪل جي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿيل پيرسن عورت علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي،وارثن عورت جو لاش تعلقي اسپتال اڳيان رکي احتجاج ڪندي حاجياڻي،نظير ۽ علي محمد مالهيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ ڏينهن اڳ جاتي ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ پيرسن فاطمه سخت زخمي ٿي پئي جنهن تعلقي اسپتال آندوسين پر ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن علاج بغير اسان کي حيدآباد ريفر ڪيو جتي به علاج نه ٿيو ۽ اسان کي موٽائي ڇڏيو جنهن بعد پيرسن عورت فاطمه زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي آهي،هنن چيو ته ڊاڪٽرن جي لاپروائي سبب علاج نه ٿيڻ ڪري پيرسن عورت فوت ٿئي آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڌڪ هڻندڙ موٽر سائيڪل واري ۽ ڊاڪٽرن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي،جڏهن پيرسن عورت جو لاش بغير پوسٽ مارٽم جي وارث گهر کڻاءِ ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.