جاتي ويجھو ٽاور مان بيٽري چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار

جاتي(ن ع آ)ڪجھ ڏينهن اڳ جاتي ويجهو ٽيلينار ڪمپني جي ٽاور مان بيٽري ۽ ڊيزل چوري ڪندڙ جوابدار نور زمان مري گرفتار،ٻي طرف جاتي ٿاڻي جي ايس ايڇ او صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ ڏينهن ٽيلينار ڪمپني جي ٽاور تي تعينات سيڪيورٽي انچارج محمد عاقل دل گرفتر جوابدار خلاف بيٽري ۽ ڊيزل چوري ڪيس دخل ڪرايو هو جنهن بعد ڳجهي اطلاع تي جوابدار نور زمان مري کي جاتي ڇڇ روڊ وڏي سم نالي ويجهو ڇاپو هڻي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.جنهن کان 60 ليٽر ڊيزل ۽ هڪ عدد بيٽري هٿ ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.