سنڌوءَ کي سڪائي هارين کي تباهه ڪيو پيو وڃي: ثمر حيدر

ٽنڊو محمد خان(پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ڳوٺ گهرام وساڻ ۾ پاڻي ڪانفرنس ڪئي وئي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر  ثمرحيدر جتوئي ڪانفرنس خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي سڪائي تباه ڪرڻ جون سازشيون ڪيون پيون وڃن سنڌ تي حق سنڌين جو آهي سنڌو کي سڪائي هارين کي تباه ڪيو پيو وڃي سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين پنجاب غيرقانوني ڪئنال وهائي سنڌو دريا جو پاڻي چورائي رهيوآهي سنڌ هاري ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو دريا تي پهرين حق سنڌين جو آهي سنڌو جو پاڻي پنجاب پنهنجا فلڊ ڪئنال واهائي سنڌ جي پاڻئ تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ جي پاڻئ تي ڪو ڪمپرومائيز نه ڪندي پنجاب فلڊ ڪئنال فوري بند ڪري سنڌ سان ظلم برداشت نه ڪنداسين سنڌ هاري ڪاميٽي سخت احتجاج ڪندي ظلم برداشت نه ڪنداسين پاڻئ ڪانفرنس کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي سوشل سيڪريٽري جبار باغي،سيد عرفان علي شاه،ڪامريڊ رگو مل،ڪامريڊ ولي محمد برهماڻي،ڪامريڊ محبوب حيدر،وشنو مل،سترو مل ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.