سيوھڻ اسپتال جو ملازم مبينا گم، اغوا شڪ ظاهر، وارثن جو احتجاجي

سيوهڻ (ن ع آ) سيوھڻ اسپتال جو ملازم اقبال ابڙو گذريل ڏينهن گھران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن جي ڳولا باوجود ڪو به پتو پئجي نه سگهيو، جنهن بعد گم ٿيل نوجوان اقبال ابڙي جي ڀاءُ محمد ابڙو ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي اڪائونٽ آفيسر تي پنهنجي ڀاءُ جي اغوا جو شڪ ڏيکاريو. ان سلسلي ۾ اقبال ابڙو جي وارثن محمد خان ابڙو, صادق ابڙو, احسن ابڙو، محمد سليمان ابڙو، الهھ بخش ابڙو، محمد حسن ابڙو، ممتاز ابڙو ۽ ٻين اقبال ابڙو جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن الزام هنيو ته گذريل ڏينهن اقبال پنهنجي دوستن سان گڏ چانهھ پيئڻ پئي ويو ته ٻن پوليس گاڏين ۾ سوار سول ڪپڙا پھريل اهلڪار اقبال ابڙو کي کنڀي کڻي ويا، اسان کي شڪ آھي ته اقبال کي ميونسپل ڪاميٽي جي اڪائونٽنٽ ڪاشف جتوئي اغوا ڪرايو آھي، اسان کي اقبال ٻڌايو ھو ته ڪاشف جتوئي کيس بار بار اغوا جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي. ھنن وزير اعلي، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته اقبال ابڙو کي جلد آزاد ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.