راڻي پور ۾ ھڪ ڏينهن اندر 3 موٽرسائيڪلون چوري

راڻي پور(ن ع آ) راڻي پور ۾ چاٻي چورن جو گروھ سرگرم ٿي ويو ھڪ ڏينهن اندر 3 موٽرسائيڪلون ڪاھي آساني سان فرار ٿيڻ ۾  ڪامياب ٿي ويو. امان عائشه صديق جي مسجد جي مولوي ذبيع اللہ پنهور جي مسجد ٻاھران بيٺل موٽرسائيڪل. جڏھن ته ٻئي پاسي شهري ڪاشف ڪلهوڙو جي مقامي ھوٽل تان موٽرسائيڪل ۽ ٽئين پاسي ڊومڪي محلا مان امجد سهتو جي پڻ موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاھي آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏھن ته واقعن جون راڻي پور ٿاڻي تي ڌار ڌار ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آھن. ان حوالي سان متاثرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آھيون ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ ۽ ايس ايڇ او راڻيپور امير چانگ کي اپيل ڪريون ٿا ته چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن. جڏھن ته پوليس پاران چورن جي ڳولها شروع ڪري ڏني آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.