سانگهڙ جو ف ليگ اڳواڻ ن ليگ ۾شامل

سانگهڙ ( رپورٽ : محمد حسين بلوچ ) سانگهڙ مسلم ليگ (ف) جو اڳوڻو ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ يونين ڪائونسل ڍورو جانب جو صدر غلام رسول بهڻ فنڪشنل مسلم ليگ ڇڏي مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي ويو، ان موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ ملڪ امتياز سان گڏ غلام رسول بهڻ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هو پير صاحب پاڳارا جو پيروڪار آهي ۽ سياسي طور تي رهندو، مقامي قيادت پاران ڪارڪنن لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪرڻ ۽ ڪارڪنن جي ناانصافي ڪرڻ بعد پارٽي طرفان مٿن ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا آهن، جنهن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. ھن چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ ۽ پ پ جي ميمبرن جيڪا ڪرپشن ڪئي آھي اهي سڀ ثبوت موجود آھن. هو مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو وٺندو ۽ فنڪشنل ليگ ۾ واپسي جا سمورا دروازا بند آهن، ان موقعي تي ملڪ امتياز غلام رسول جي شموليت تي ڀليڪار ڪئي.

  • اڏيرو لعل ۾ نوجوانن مڪاني چونڊن ۾ فارم ڀرائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون

اڏيرولعل وليج (رپورٽ: معشوق علي قمبراڻي) بلدياتي اليڪشن جو اعلان ٿئيڻ کانپوءِ اوڏيرو لعل اسٽيشن جي ٽائون ڪميٽي ۾ سرگرميون  شروع ٿي ويون آھن. ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اوڏيرولعل جي ٽائون ڪاميٽي جي  وارڊ نمبر 1 جي پڙھيل لکيل نوجوان قاضي عمران خان گھانگھلو پنھنجي برادري جي ماڻھن سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آھي . قاضي عمران خان ميڊيا سان ڳالھائندي چيوآهي ته اسان ھر دور ۾ وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي چوڻ تي اڻپڙھيل ماڻھن کي ووٽ ڏئي ڪري پنھنجي ماڻھن سان سراسر ناانصافي ڪئي آهي . ھاڻ دور بدلجي ويو آھي اسين وڏيرن پيرن ۽ ميرن جي چوڻ ۾ نه اينداسين جيڪي قومي ۽ صوبائي اليڪشن ۾ پاڻ اميدوار بيھي ڪري اليڪشن کٽڻ کان پوء ظاھر ئي نه ٿيندا آھن.

  • ڏهرڪي ۾ چونڊ، هندو پنچائت اڳواڻ به ميدان تي اچي ويو

ڏهرڪي  (ن ع آ  ) ھندو پئنچائت جي اڳواڻ مکي راجڪمار تلريجا  بلدياتي چونڊن ۾ بيھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو وارڊ نمبر 2  تي فارم  وصول ڪري ڇڏيو  مکي راجڪمار تلريجا  2001 ، 2006 ، 2015 جي مسلسل ڪاميابي کانپوءِ ھڪ دفعو ٻيهر اچي رھيو آھي مکي راجڪمار تلريجا  جي دبنگ انٽري وارڊ نمبر 2 تي فارم وصول ڪيو، انھي موقعي تي ھندو ينگ منارٽي جي اڳواڻن اجيت ڪمار گودواڻي ، ڪيلاش ڪمار ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته  مکي راجڪمار تلريجا سدائين ھندو برادري جي ڏک سک ۾ گڏ ھوندو نه جي زندگي ھجي يا پئنچائتي شيوا سدائين ھندو برادري جي وچ ۾ ھوندو آھي سدائين بنا ڪنھن بنافرق جي  خدمت ڪئي آهي  هاڻي به کٽي  اقليتي  برادري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملهائي بيهندو  ۽ برادري جي ڏک سک ۾ سيوا ڪندو  اسان جون همدرديون انسانذات سان   پيار ڪندڙ مکي  راج ڪمار ساڻس گڏ آهن ۽ رهنديون .

  • قمبر ۾ ڪمشنر پاران مڪاني چونڊن ۽ پوليو بابت گڏجاڻي

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گھنور علي لغاري پاران مڪاني چونڊن، انتظامي معاملن، پوليو، ترقياتي ڪمن بابت  ڊي سي  آفيس قمبر جي درٻار ھال ۾ ھڪ اعلي سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ھڪ قومي ڪاز آهي، جنهن ۾ ھر آفيسر کي پهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان ڏس ۾ ڪنھن به قسم جي لاپرواهي نه ٿين گهرجي، جيڪو به آفيسر اليڪشن دوران لاپرواهي ڪندو ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ڪوبه فنڊنگ جو مسئلو آهي ته اھو فورن حل ڪرايو ويندو.انھي موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو وابڊا جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته پولنگ جي ڏينهن دوران ڪنھن به قسم جي لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي ته جئين ماڻھن کي سخت گرمي کان بچائي سگهجي ۽ پولنگ اسٽيشن تي عوام کي ھر قسم جي سهولت مھيا ڪئي وڃي. ڪمشنر وڌيڪ چيو ته جتي به سڪيورٽي جو مسئلو نظر اچي ٿو ته توهان ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سان فورن رابطو ڪيو وڃي.ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گھنور علي لغاري پوليو جي خاتمي واري ٽيمن سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنھنجي ٽيمن تي تمام ڪڙي نظر رکي وڃي ته جئين ڪو به ٻار پوليو کان بچاء جا ڦڙا پيارڻ کان رھجي نه وڃي ۽ پنهنجي عملي جي ٽريننگ بھتر نموني ڪيو ته جيئن ڪو به اشو سامھون نه اچي سگھي، ڪمشنر ھيلٿ جي عملدارن تي زور ڀريو ته خاص ڪري ھارڊ ايريا تي گھڻو فوڪس ڪيو وڃي جيڪڏھن ڪو ٻار پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رھجي ٿو وڃي ته ان کي فورن پوليو کان بچاء جا ڦڙا پياريا وڃن ۽ اھا اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته ٻارن جي حفاظت ڪريون ۽ جيڪي توھان جون ضرورتون آھن ته اھو پروپوزل ٺاهي موڪليو ته جئين مان توهان کي اسپيشل فنڊ وٺرائي ڏيان. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ھيلٿ آفيسرن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڪارگردگي سرٽيفڪيٽ ورھايا ۽سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي پڻ ساراه ڪئي. انھي دوران ڪمشنر چيو ته گرمي جي موسم آهي دوائن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن ته جئين دوائون خراب ٿيڻ کان بچي سگهن.ان کان بعد ڪمشنر لاڙڪاڻو ايڪسين پبلڪ ھيلٿ کان پڻ بريفنگ ورتي ۽ ايڪسين کي ھدايت ڪئي ته پبلڪ ھيلٿ جون اسڪيمون جلد کان جلد مڪمل ڪيون وڃن، سي ايم جي خاص ھدايت آهي ته عوام کي ڊرينيج ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪيو وڃي، انھي ڪم ۾ جيڪڏهن ڪا رنڊڪ اچي ٿي ته  ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان فوري مدد ورتي وڃي ته جئين ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو تعلقن ۾ ھلندڙ ڪم کي وقت سر مڪمل ڪري سگهجي، جيڪو ماڻهو گورنمينٽ جي ڪم ۾ دخل اندازي ڪري ڪم روڪڻ جي ڪوشش ڪن ته انھن خلاف قانوني قدم کيون وڃي.ان موقعي تي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ايٽ قمبر جاويد نبي کوسو ،ايس ايس پي قمبر بشير احمد بروهي، ڊي ايڇ او ھيلٿ قربان مگسي، ايڪسين پبلڪ ھيلٿ سريش ڪمار. اسسٽنٽ ڪمشنرن ڊاڪٽر الطاف ۽ وابڊا عملدار پڻ موجود هئا.

  • اسان کي اليڪشن ڪميشن جا تمام ڏکيا شرط قبول ناهن: تشڪيل صديقي

اوٻاوڙو  ( ن ع آ )  اوٻاوڙو جماعت اسلامي جي ضلعي امير مولانا تشڪيل احمد صديقي نائب امير مولانا محمد يوسف مزاري پريس  ڪلب پهچي اليڪشن ڪميشن خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان کي اليڪشن ڪميشن جا تمام ڏکيا شرط قبول ناهن جيڪي اليڪشن ڪميشن قانون ٺاهيا آهن اسان ان کي رد ڪيون ٿا هي اليڪشن وڏيرن کي سهولت ڏيڻ لاءِ آهي تڪن کي وڏيرن جي چوڻ سان ٽورڙي مروڙي ٺاهيو ويو آهي اسان کي اهي تڪ قبول نه آھن پهرين ٺهيل تڪن تي اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن جا غريب ماڻهو ايڏا وڏا شرط ڪيئن پورا ڪندو اسان مطالبو ٿا ڪريون ته هي شرط ختم ڪيا وڃن ۽ ساڳيا تڪ بحال ڪري پھرين جيئان آسان شرط رکيا وڃن ته جيئن ھر اميدوار آساني سان اليڪشن ۾ حصو وٺي سگھي جيڪڏھن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسين جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تي اليڪشن ڪميشن خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.

  • عادلپور ۾ مڪاني چونڊون، سياسي سماجي اڳواڻ ميدان تي

عادلپور ( ن ع آ ) جي ڊي اي جي اتحادي عوامي  سڄاڳ اتحاد پاران جي ڊي اي کي مضبوط ڪرڻ لاء گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ عوامي سڄاڳ اتحاد جي اڳواڻن وڪيل عرض آزاد مهر  وڪيل غلام عباس مهر ۽ حيدر بخش مهر  پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ سردار غلام عباس عرف پپو خان چاچڙ  کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ گفٽ  پيش ڪئي سين  ۽ ڳوٺ عارب مھر اچڻ تي دل سان ڀليڪار ڪئي وئي ان کان پوءِ  پپو خان  ۽ علائقي واسين سان بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان  ڳالھه ٻولهھ ڪئي ۽ اليڪشن جي صورت حال تي يوسي صالح مھر جي سمورن وارڊن جي تفصلي رپورٽ ۽ بيٺل اميدوارن جي نالن تي ڳالهھ ٻولھه ڪئي وئي پپو خان چاچڙ نواجون جي جذبي ۽ جوش ڏسي تمام گھڻو خوش ٿيو ۽ حوصلاافزائي پنھنجي علائقي کي بھتري لاءِ اسان جي پارٽين کي نوجوان جي وڌيڪ ضرورت آھي اوھان جي محنت ۽ ڪوشش سان اوھان جي گيس وارو مسئلو حل ٿيو ھو وڪيل مختيار مھر عادلپور کان لاکولنجاري روڊ جي ڪم نه ٿيڻ ۽ حالت تي سوال ڪيو جنھن تي پپو خان چاچڙ چيو اوھان جو روڊ انشاءُ  الله جلد ٺاھي ويندو اوھان نوجوان ڪوشش ڪيو تي روڊ ڪا ڳالھه ناھين ڳوٺن کي شھرن ۾ تبديل ڪري سگھو ٿا اوھان سڀني جي چھرن تي مرڪ ۽ جذبو ڏسي اسان کي يقين ٿي ويو آھي تي اوھان ئي اصل ڪاميابي جا حقدار آھيو اليڪشن جي حوالي سان مشاورت ڪيا يوسي صالح مھر جي اميدوارن جي لسٽ سڀاڻي جي ڊي جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ۽ مشورا ڪري فائنل ڪيا ويندا   جنهن ۾ هڪ ٻئي کي اعتماد وٺي جي ڊي اي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو.

  • بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جا ئي اميدوار ڪامياب ٿيندا: محمد بخش مهر

خانپورمهر ( ن ع آ ) پ پ ايم اين اي  محمد بخش خان مھر  پاران  مھر ھائوس خانڳڙھ شريف ۾ پنھنجي تڪ جي عوام سان گڏجاڻين جو  سلسلو جاري رھيو،.ان موقعي تي ماٿيلو مومل جي ماڙي جي معزز شخصيت ڪامريڊ قربان مھر ۽ گھوٽڪي سان واسطو رکندڙ ڪليم الله ميمڻ وڏيري اڪمل ميمڻ، اڳوڻي ڪائونسلر غلام حسين ميمڻ الطاف ميمڻ ۽ ٻين پنهنجي برادري سميت محمد بخش خان مھر سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد انهن  چيف سردار محمد بخش خان مھر مٿان مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي باضابطه  طور پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي انهن پ پ ايم اين چيف سردار محمد بخش خان مھر  کي خاطري ڪرائي ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾  پ پ جي نامزد اميدوارن کي ئي  ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو ويندو جنهن بعد ھن عوام جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور ھدايتون پڻ جاري ڪيون.آخر ۾  محمد بخش خان مھر پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي  چيو ته مڪاني چونڊن جي تياري واري مرحلي دوران واضح نظر اچي رھيو آهي ته  پ پ ئي ملڪ جي واحد پارٽي  آهي جنھن سان عوام بي انتھا پيار ڪري ٿي ۽ ماڻهو بلاول ڀٽو جي سياسي ويزن کان متاثر ٿي ھن قافلي ۾ ڌڙاڌڙ شموليت اختيار ڪري رھيا آهن، ان موقعي تي حاجي زبردست خان مھر  پ پ گھوٽڪي  جو نائب صدر حاجي دادن خان مھر ، مير خان مھر ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

  • قمبر ۾ پ پ وارڊن تي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

قمبر ( ت ر) قمبر پ پ طرفان قمبر ميونسپل ڪميٽي جي 14 وارڊن تي پنھنجن اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ وارڊ نمبر 1 تي گدا حسين ڪوري، وارڊ 2 تي احمد مستوئي، وارڊ 3 تي محمد خان، وڌو وارڊ 4 تي محمد پنهل سومرو، وارڊ 5 تي علي جان ٻرڙو، وارڊ 6  تي ريحان خان چانڊيو، وارڊ 7 تي سلطان احمد گوپانگ، وارڊ 8 تي زاھد حسين گوپانگ، وارڊ 9 تي لياقت علي گوپانگ، وارڊ 10 تي نظير احمد گوپانگ، وارڊ 11 تي عبدالرحيم منگي، وارڊ 12 تي شھبان علي شيخ، وارڊ 13 تي غلام عباس بروهي ۽ وارڊ 14 تي نور احمد بروهي شامل آهن.

  • عوام پ پ سان گڏ آهي، اميدوار به ڪامياب ٿيندا: پرويز ڏاهري

دريا خان مري  ( ن ع آ ) دريا خان مري جي سياسي سماجي اڳواڻ عبدالمجيد لاشاري پيپلز پارٽي ٻانڌي جي اھم اڳواڻ ۽ يوسي آمرجي تي  پ پ چيئرمين جي اميدوار رئيس پرويز احمد ڏاھري سان ڳوٺ شھزادو ڏاھري ۾ملاقات ڪري سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،ان موقعي تي پرويز احمد ڏاھري چيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آھي پارٽي ورڪر عوام جو سرمايو آھن سياسي سماجي اڳواڻ عبدالمجيد لاشاري چيو ته ڳوٺ ڪھڪاٽ جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آھي ۽ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾يوسي چاناري ۾پيپلز پارٽي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا،ان موقعي تي فدا حسين لاشاري،عبدالستار لاشاري،غلام شبير لاشاري،الاھي بخش لاشاري پڻ موجود ھيا

  • ڏوڪري ۾ بلدياتي اليڪشن، اميدوار ميدان تي اچي ويا

ڏوڪري ( ن ع آ )  ڏوڪري ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ مختلف تنظيمن پاران ننڍي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا آهن ان ڏس ۾  پيپلزپارٽي، جي ڊي اي، ايس يو پي، ايم ڪيو ايم، آزاد اميدوارن پاران ڏوڪري تعلقي تعلقي ڏهن يونين ڪائونسل ۽ ٻن ٽائونز تي هڪ سو کان وڌيڪ اميدوارن پاران آر او آفيس ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جڏهن ته ڏوڪري تعلقي ۾ پيپلزپارٽي ۽ انڙ گروپ ٻنهي گروپن ۾ سخت مقابلو ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن يونين ڪائونسل ڳجهڙ ۾ انڙ  گروپ جي پوزيشن مضبوط نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته ٻين يونين ڪائونسل تي پيپلزپارٽي ۽ انڙ گروپ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي

  • دڙي ۾ ٽي ايل پي جو يونت قائم، مڪاني چونڊن بابت گڏجاڻي

دڙو (ن ع آ) دڙي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو يونٽ قائم، آرگنائيزر مقرر، مڪاني چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو حافظ ڌڻي ڏنو جاکرو، حافظ اعجاز سومرو ۽ نياز بڪڪ جي اڳواڻي ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ شھر جي نوجوانن شرڪت ڪئي ان موقعي تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو يونٽ کولي پنج رڪني آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي وئي جڏهن ته گڏجاڻي ۾ مڪاني چونڊن ۾ شھر جي سمورن وارڊن تي اميدوار بيهارڻ جي پڻ اعلان ڪيو ويو.

  • جي ڊي اي انڙ گروپ جي پوزيشن مضبوط آهي: فدا حسين ابڙو

ڏوڪري  ( ن ع آ ) يونين ڪائونسل ڳجهڙ ضلعن ڪائونسل جي اميدوار زوار فدا حسين ابڙو جو چوڻ هو ته بلدياتي اليڪشن ۾ يونين  ڪائونسل ڳجهڙ ۾ جي ڊي اي انڙ گروپ جي پوزيشن تمام گهڻي مضبوط آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ مخالف اميدوارن کي ڀرپور شڪست ڏئي ڪلين سوئپ ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته مسلسل پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ يونين ڪائونسل ڳجهڙ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ڪي به ترقياتي ڪم ناهين ڪرايا ويا. هن چيو ته روڊ رستا تباھ بڻيل آهن ڪيترين ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا يونين ڪائونسل ڳجهڙ جي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام بڻجي ويا آهن، يونين ڪائونسل ۾ صحت، تعليم سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ناهين ڪيون ويون. ان موقعي تي زوار عبدالحميد کوکر، گدا حسين کوکر ۽ ٻيا موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.