ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جي زيادتي خلاف رھواسين جو احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڳوٺ شاد محمد ملڪ جي رھواسين ملڪ برادري جو  پوليس جي زيادتين خلاف  احتجاجي مظاھرو ڪيو انھي دوران احتجاج ڪندڙ  مظاھرين  ميڊيا سان ڳالھيندي برڪت ملڪ، عبدالمجيد ملڪ، شير محمد ملڪ، وقار ملڪ، حاجي خان ملڪ ۽ ٻين  چيو ته پوليس اھلڪار عطاء الله ڀنگوار ۽ ان جا مائٽ صدام ڀنگوار، مورڀنگوار ۽ ٻين  اسان جي گھرن تي بلاجواز حملو ڪري اسان جي نوجوانن ۽ عورتن کي لٺيون ھڻي زخمي ڪيو ھو جوابدارن جي پوليس اھلڪار عطاالله ڀنگوار ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن انهن جي پٺڀرائي ڪري رھيا آھن ماڻھو به اسان جا زخمي ٿيا آھن ۽ پوليس به اسان جي گھرن تي بلاجواز چڙھائي ڪري رھي آھي، ھنن دانھيدي چيو ته گذريل ڏينھن اي ايس آءِ خاوند بخش اعواڻ اسان جي گھرن ۾ گھري عورتن کي زخمي ڪري چوپايو مال  ڪاھي ويو ۽ اسان کان 30 ھزار روپيا رشوت ڏئي مينھون  واپس ڪيون آھن. ھنن آءِ جي سنڌ  ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو  ايس ايس پي امجد احمد شيخ کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾  اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.